پاڪستان افغانستان جي اندر شدت پسندن جي ٺڪاڻن خلاف صحيح انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ڪارروايُون ڪري رهيو آهي: عطاءُالله تارڙ

اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان افغانستان جي اندر شدت پسندن جي ٺڪاڻن خلاف صحيح انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ڪارروايُون ڪري رهيو آهي، پاڪستان افغانستان ۾ ڪنهن به شهري علائقي کي نشانو ناهي بڻايو. پاڪستان صرف دهشتگردن جي بنيادي ڍانچي ۽ انهن جي مددگار نظام کي نشانو بڻائي رهيو آهي. پرڏيهي اخبارن سان ڳالهائيندي اطلاعات …

اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان افغانستان جي اندر شدت پسندن جي ٺڪاڻن خلاف صحيح انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ڪارروايُون ڪري رهيو آهي، پاڪستان افغانستان ۾ ڪنهن به شهري علائقي کي نشانو ناهي بڻايو. پاڪستان صرف دهشتگردن جي بنيادي ڍانچي ۽ انهن جي مددگار نظام کي نشانو بڻائي رهيو آهي. پرڏيهي اخبارن سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته افغان طالبان رجيم پاران پيش ڪيل تصوراتي انگ اکر ڪنهن به سنجيده تبصري جي لائق نه آهن،  افغان وزارت دفاع جي ترجمان پاران پاڪستان خلاف جنگ جي ميدان ۾ ڪاميابين جُون دعوائون سچ نه آهن ۽ صرف پروپيگنڊا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ افغان طالبان رجيم ۽ افغانستان ۾ گڏيل قومن جي مشن پاران افغان شهري مارجڻ جي خبرن کي رد ڪندي چيو ته ڪابل ۾ قائم گڏيل قومن جي ايجنسي جي هي معلومات جو مڪمل دارومدار طالبان حڪومت تي آهي. هن چيو ته افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج دهشتگردن طرفان گڏجي حملا ڪرڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته افغان طالبان حڪومت ۽ افغانستان جي سرزمين تي سرگرم ڪيترن ئي دهشتگرد تنظيمن جي وچ ۾ ڳٺ جوڙ موجُود آهي. هن چيو ته افغان طالبان رجيم پاران ڪيل سڀني حملن جو فوري ۽ اثرائتو جواب ڏنو ويو. عطاءُالله تارڙ چيو ته پاڪستان دهشتگردن ۽ انهن جي مددگارن جهڙوڪ افغان طالبان جي فوجي اڏن کي کي صحيح طور تي نشانو بڻايو.

مزید خبریں