آپريشن غضب الحق دوران افغان طالبان رجيم جا 583 ڇاڙتا مارجي ويا ۽ 795 کان وڌيڪ زخمي ٿيا: عطاءُالله تارڙ

اسلام آباد- 08 مارچ (اي پي پي) آپريشن غضب الحق دوران، 8 مارچ 2026ع تي شام 4 وڳي تائين افغان طالبان رجيم جا 583 ڇاڙتا مارجي ويا ۽ 795 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير اطلاعات عطاءُالله تارڙ آچر تي سماجي رابطن واري پليٽ فارم "ايڪس" تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته آپريشن غضب الحق دوران افغان طالبان جون 242 چيڪ پوسٽون تباهه ڪيون ويون، جڏهن …

اسلام آباد- 08 مارچ (اي پي پي) آپريشن غضب الحق دوران، 8 مارچ 2026ع تي شام 4 وڳي تائين افغان طالبان رجيم جا 583 ڇاڙتا مارجي ويا ۽ 795 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير اطلاعات عطاءُالله تارڙ آچر تي سماجي رابطن واري پليٽ فارم "ايڪس” تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته آپريشن غضب الحق دوران افغان طالبان جون 242 چيڪ پوسٽون تباهه ڪيون ويون، جڏهن ته 38 چيڪ پوسٽن تي قبضو ڪيو ويو. جڏهن ته 213 ٽينڪ، بڪتر بند گاڏيون ۽ آرٽلري گنز ( توپُون) تباهه ڪيون ويون. جڏهن ته سڄي افغانستان ۾ 64 هنڌن کي هوائي ڪارروائي ۾ مؤثر طور تي نشانو بڻايو ويو.

مزید خبریں