سيڪيورٽي فورسز جون خيبرپختونخوا ۾ 5 ڌار ڌار ڪارروائيون، ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جا 13 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي -08 مارچ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخوا ۾ 5 ڌر ڌار ڪارروائين ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 13 خوارجين کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر پاران جاري پريس رليز ۾ چيو ويو آهي، ته باجوڙ ۾ انٽيليجنس بيسڊ تي ٻڌل ڪارروائي دوران فورسز خوارج جي ٺڪاڻي کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو ۽ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ 5 خوارجين کي …

راولپنڊي -08 مارچ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخوا ۾ 5 ڌر ڌار ڪارروائين ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 13 خوارجين کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر پاران جاري پريس رليز ۾ چيو ويو آهي، ته باجوڙ ۾ انٽيليجنس بيسڊ تي ٻڌل ڪارروائي دوران فورسز خوارج جي ٺڪاڻي کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو ۽ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ 5 خوارجين کي ماري ڇڏيو. ان کان علاوه بنون ۽ ڊيره اسماعيل خان ضلعن ۾ وڌيڪ ٻن ڪارروائين ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 3 خوارجن کي ڪاميابي سان ماري ڇڏيو. اهڙي طرح خيبر ۽ ڏکڻ وزيرستان ضلعن ۾ ٻن ڌار ڌار ڪارروائين دوران فورسز وڌيڪ 5 خوارجن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو. مارجي ويل ڀارتي سرپرست خوارجن وٽان هٿيار، گولا بارود به هٿ ڪيو ويو، جيڪي علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ سرگرم هئا. آءِ ايس پي آر مطابق اهي ڪارروائيون اهڙي وقت ۾ ڪيون پيون وڃن جڏهن پاڪستان پنهنجي افغان سرحد تي اڀرندڙ چئلينجز جو مقابلو ڪري رهيو آهي. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن جي دفاع لاءِ پختي عزم ۽ مضبوط ارادن سان ڄميل آهي. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ موجود ڪنهن به ڀارتي حمايت يافته خوارج کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهن، سيڪيورٽي فورسز ۽ پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران نيشنل ايڪشن پلان بابت وفاقي ايپڪس ڪميٽي جي منظور ٿيل ويزن ”عزم استحڪام“ تحت دهشتگردي جي خاتمي واري مهم مڪمل رفتار سان جاري رهندي ته جيئن ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۽ حمايت يافته دهشتگردي جي خطري کي مڪمل طور تي ختم ڪري سگهجي

مزید خبریں