اسلام آباد- 08 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪو به معاشرو عورتن جي ترقي ۽ مڪمل شرڪت کانسواءِ پائيدار ترقي حاصل نٿو ڪري سگهي، تعليم، معاشي موقعن ۽ سماجي تحفظ ذريعي عورتن کي بااختيار بڻائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر آصف علي زرداري عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام …
ڪو به معاشرو عورتن جي ترقي ۽ مڪمل شرڪت کانسواءِ پائيدار ترقي حاصل نٿو ڪري سگهي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد- 08 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪو به معاشرو عورتن جي ترقي ۽ مڪمل شرڪت کانسواءِ پائيدار ترقي حاصل نٿو ڪري سگهي، تعليم، معاشي موقعن ۽ سماجي تحفظ ذريعي عورتن کي بااختيار بڻائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر آصف علي زرداري عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان سميت دنيا جي عورتن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هي ڏينهن عورتن جي ڪردار، جدوجهد ۽ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته هي ڏينهن گڏيل قومن جي تحت ملهايو ويندو آهي ۽ اسان کي ياد ڏياري ٿو ته عورتون هر معاشري جي ترقي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿيون. صدر قائداعظم محمد علي جناح جي ان موقف کي به ياد ڪيو ته ڪا به قوم عورتن جي مڪمل شموليت کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي. صدر آصف علي زرداري چيو چيو ته پاڪستان جي تاريخ عورتن جي صلاحيت، همٿ ۽ قيادت جي روشن مثالن سان ڀريل آهي. هن اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن قوم جي عزم ۽ همٿ سان اڳواڻي ڪئي ۽ ثابت ڪيو ته پاڪستاني عورتون اعليٰ ترين عوامي عهدن تي به ڪاميابي سان خدمتُون سرانجام ڏيئي سگهن ٿيون.











