لاهور-08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عورتن کي پنهنجي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت جي پختي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عورتن جي حقن جو تحفظ ئي پائيدار ترقي ۽ خوشحالي جي ضمانت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام وزيراعظم پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي عورتن کي …
عورتن جي حقن جو تحفظ ئي پائيدار ترقي ۽ خوشحالي جي ضمانت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
لاهور-08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عورتن کي پنهنجي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت جي پختي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عورتن جي حقن جو تحفظ ئي پائيدار ترقي ۽ خوشحالي جي ضمانت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام وزيراعظم پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي عورتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته هو هن ڏينهن جي مناسبت سان عورتن لاءِ خيرسگالي جي جذبي جو اظهار خاص ڪري پاڪستاني عورتن، مائرن، ڀينرن ۽ نياڻين کي سلام ۽ مبارڪون پيش ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سان عورتن جو عالمي ڏينهن ”حقن، انصاف ۽ عمل، سڀني عورتن ۽ نياڻين لاءِ“ جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي. هي عنوان عورتن جي حقن جي تحفظ جي عزم جو اظهار آهي. هن عورتن جي حقن جي تحفظ کي ملڪ جي پائيدار ترقي ۽ قومي خوشحالي جي ضمانت قرار ڏيندي چيو ته قوم جي مجموعي ترقي ۽ خوشحالي کي عورتن لاءِ هڪجهڙا موقعا ۽ بامعنيٰ شموليت ئي يقيني بڻائي ٿي. هن چيو ته عورتن جي محنت، عزم ۽ همت ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ ساراهه جوڳيون خدمتون اسان لاءِ هڪ قوم جي حيثيت سان فخر جوڳو آهي، عورتون نه رڳو خاندان پر معاشري ۽ قوم جي مثبت قدرن تي ٻڌل بنياد ۾ اهم حيثيت رکن ٿيون، تعليم کان وٺي راندين تائين، گهرن کان وٺي حڪومت تائين، پاڪستاني عورتن جي استقامت ۽ ڪاميابيون هڪ مضبوط ۽ خوشحال ملڪ جي تعمير ۾ انقلابي ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته وزيراعظم، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، وڏ وزارت جي عهدن کان وٺي عدليه، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، صحت، تعليم، ڪاروبار ۽ هٿياربند فوج تائين، عورتون ايندڙ نسلن لاءِ نيون راهون هموار ڪيون آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت جو پختو عزم آهي ته اهڙو ماحول يقيني بڻايو وڃي جتي عورتون بنا ڪنهن اڻبرابري ۽ خوف جي پنهنجو مڪمل صلاحيتون ڪتب آڻي سگهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جي قانوني تحفظ لاءِ موثر قانونسازي موجود آهي، جيڪو حراسان ڪرڻ ۽ استحصال خلاف قومي عزم جو اظهار آهي. عورتن جي معياري تعليم تائين پهچ، مالي شموليت، عورت ڪاروباري شخصيتن جي حمايت، ڪم واري هنڌ تي تحفظ ۽ هراسان سميت تشدد خلاف موثر قدم حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن. هن دعوت ڏني ته اچو ته اسان سڀ گڏجي هڪ اهڙو معاشرو جوڙيون جتي هر عورتن کي عزت، وقار ۽ ترقي جا برابري وارا موقعا حاصل ٿين ته جيئن پاڪستان هڪ وڌيڪ منصفاڻي ترقي ۽ جامع مستقبل طرف وڌي سگهي.











