اسان جون مائرون، ڌيئرون، ڀينرون ۽ گهرواريون ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد -08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي عورتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته اسان جون مائرون، ڀينرون، ڌيئرون ۽ گهر واريون ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اڄ اسان عورتن جي قوت، حوصلي ۽ قيادت ۽ سندن وڏين خدمتن تي کين ساراهيون ٿا، جيڪي پنهنجي خاندان، معاشري ۽ ملڪ لاءِ …

اسلام آباد -08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي عورتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته اسان جون مائرون، ڀينرون، ڌيئرون ۽ گهر واريون ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اڄ اسان عورتن جي قوت، حوصلي ۽ قيادت ۽ سندن وڏين خدمتن تي کين ساراهيون ٿا، جيڪي پنهنجي خاندان، معاشري ۽ ملڪ لاءِ انجام ڏئي رهيون آهن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته تعليم، صحت، عوامي خدمت، ڪاروبار، سائنس، فنون ۽ راندين سميت هر شعبي ۾ پاڪستاني عورتن جي محنت ۽ عزم ملڪ جي ترقي لاءِ فخر جو سبب آهن. سندن ڪاميابيون پوري قوم لاءِ تحريڪ جو سبب ۽ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي قيام جي عزم کي وڌيڪ مستحڪم ڪن ٿيون. وزيراعظم چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ حڪومت جي ويزن جو مرڪزي حصو آهي، حڪومت عورتن لاءِ موقعن ۾ اضافو، تعليم ۽ معاشي سرگرمين ۾ برابر پهچ ۽ اهڙو سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي جتي هر عورت پنهنجي مڪمل صلاحيتن سان ملڪ جي مستقبل جي تعمير ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهي.

مزید خبریں