وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان جي صدارت ۾ ايس ايم ايز کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن بابت جائزه اجلاس منعقد

اسلام آباد-08 مارچ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان جي صدارت ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جا ڪاروباري شعبي (ايس ايم ايز) کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس منقعد ٿيو. اجلاس دوران سميڊا جي بورڊ ميمبر مشهود علي خان شرڪت ڪندڙن کي ايس ايم ايز جي معاونت ۽ قومي معيشت ۾ ان جي ڪردار کي وڌيڪ …

اسلام آباد-08 مارچ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان جي صدارت ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جا ڪاروباري شعبي (ايس ايم ايز) کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس منقعد ٿيو. اجلاس دوران سميڊا جي بورڊ ميمبر مشهود علي خان شرڪت ڪندڙن کي ايس ايم ايز جي معاونت ۽ قومي معيشت ۾ ان جي ڪردار کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني. هارون اختر خان اجلاس کي آگاهه ڪيو ته 200 کان وڌيڪ ايس ايم اي ڪلسٽرز جي رجسٽريشن تي ٻڌل هڪ آن لائن پليٽ فارم قائم ڪيو ويو آهي جنهن ذريعي مختلف ڪاروباري ڪلسٽرز کي هڪ ئي ڊجيٽل پليٽ فارم تي آندو ويو آهي، ان پليٽ فارم تي ماکيءَ جي پيداواري يونٽس کان وٺي زيتون جي تيل جي پراسيس تائين مختلف ڪلسٽرز هڪ ئي ويب سائيٽ تي دستياب هوندا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن مطابق ڪلسٽرز جي رجسٽريشن سان ايس ايم ايز کي قومي ۽ عالمي مارڪيٽن تائين بهتر پهچ حاصل هوندي. هارون اختر خان ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ايس ايم اي سيڪٽر پاڪستان ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ صنعتي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته ايس ايم اي ڪلسٽرز جي ڊجيٽلائيزيشن سان ڪاروباري موقعن ۾ نمايان اضافو ٿيندو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي عالمي مارڪيٽن سان ڳنڍڻ ۽ ڪلسٽر بيسڊ اپروچ ذريعي روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پر عزم آهي، جنهن سان مقامي صنعت کي مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان جي برآمدي صلاحيت ۾ اضافي ۾ مدد ملندي.

مزید خبریں