اسلام آباد -08 مارچ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو آهي، ته عورتن جو عالمي ڏينهن هڪ اهم ڏينهن آهي جيڪو اسان کي عورتن ۽ نينگرين جي حقن ۽ سندن ترقي لاءِ پنهنجي ذميواري جي ياد ڏياري ٿو ته عورتن ۽ نياڻين کي زندگي جي هر شعبي خاص طور تي تيزي سان ترقي ڪندڙ ڊجيٽل دنيا ۾ سکڻ، اڳتي وڌڻ ۽ قيادت …
ٽيڪنالاجي ۽ جدت ذريعي عورتن ۽ نينگرين کي بااختيار بڻائينداسين: وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه

مزید خبریں
اسلام آباد -08 مارچ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو آهي، ته عورتن جو عالمي ڏينهن هڪ اهم ڏينهن آهي جيڪو اسان کي عورتن ۽ نينگرين جي حقن ۽ سندن ترقي لاءِ پنهنجي ذميواري جي ياد ڏياري ٿو ته عورتن ۽ نياڻين کي زندگي جي هر شعبي خاص طور تي تيزي سان ترقي ڪندڙ ڊجيٽل دنيا ۾ سکڻ، اڳتي وڌڻ ۽ قيادت ڪرڻ جو برابر موقعو مليو. عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هلندڙ سال جو موضوع ”حق، انصاف، عمل: سمورين عورتن ۽ نياڻين لاءِ“ ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏياري ٿو ته اسان کي رڳو ڳالهيون نه پر عملي قدم کڻڻ گهرجن. اڄ جي ڊجيٽل دور ۾ ٽيڪنالاجي تائين پهچ، ڊجيٽل تعليم ۽ محفوظ آن لائين ماحول عورتن ۽ نينگرين لاءِ تمام اهم آهي ته جيئن اهي تعليم، معيشت ۽ سماجي زندگي م ڀرپور حصو وٺي سگهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ عورتون ٽيڪنالاجي، ڪاروبار ۽ ڊجيٽل جدت جي شعبن م نمايان ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. سندن صلاحيت محنت، ۽ قيادت پاڪستان جي ڊجيٽل مستقبل کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته وفاقي وزير جي حيثيت سان مان ان عزم جو ورجاءُ ڪيان ٿي ته اسان عورتن ۽ نياڻين لاءِ ڊجيٽل موقعن کي وڌائينداسين، ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ عورتن جي شرڪت کي هٿي وٺائينداسين ۽ آن لائين ماحول کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ قدم کڻنداسين. وفاقي وزير چيو ته ڊجيٽل مهارتن جي تربيت، عورتن جي قيادت ۾ جدت کي همٿائڻ ۽ آن لائين هراساني خلاف بهتر تحفظ فراهم ڪرڻ ذريعي اسان اهڙو ڊجيٽل نظام ٺاهڻ چڍاهيون ٿا جتي عورتون ۽ نينگريون اعتماد سان سکي سگهن، ڪم ڪري سگهن ۽ اڳتي وڌي سگهن. هن چيو ته عورتن جي ان عالمي ڏينهن جي موقعي تي اچو اسان عهد ڪيون ته ٽيڪنالاجي ۽ جدت ذريعي عورتن ۽ نينگرين کي بااختيار بڻائينداسين ۽ گڏجي پاڪستان لاءِ هڪ وڌيڪ محفوظ، منصفاڻو ۽ بهتر ڊجيٽل مستقبل ٺاهينداسين.











