والاريل ڪشمير ۽ فلسطيني جي بهادر عورتن جرئت ۽ عزم جو مثال قائم ڪيو: مشعال ملڪ

اسلام آباد -08 مارچ (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي، ته والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جي بهادر عورتن کي سلام پيش ڪيان ٿي جن جرئت ۽ عزم جو مثال قائم ڪيو. ڪشمير جون مائرون، ڀينرون ۽ ڌيئرون ظلم جي اونداهي ۾ به حوصلي ۽ اميد جي شمع روشن رکي، عورتن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته عورتن جي عالمي …

اسلام آباد -08 مارچ (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي، ته والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جي بهادر عورتن کي سلام پيش ڪيان ٿي جن جرئت ۽ عزم جو مثال قائم ڪيو. ڪشمير جون مائرون، ڀينرون ۽ ڌيئرون ظلم جي اونداهي ۾ به حوصلي ۽ اميد جي شمع روشن رکي، عورتن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته عورتن جي عالمي ڏينهن تي سڄي دنيا جي عورتن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿي. مشعال ملڪ چيو ته ڪشميري عورتن پنهنجي پٽن، ڀائرن ۽ مڙسن جون قربانيون ڏئي آزادي جي تحريڪ کي ڪمزور نه ٿيڻ ڏنو. ڪسميري عورتون رڳو پنهنجي گهرن جون محافظ نه پر ڪشمير جي تحريڪ آزادي جون مضبوط آواز به آهن. هن چيو ته دنيا کي جواب ڏيڻو پوندو ته ڪشميري عورتون ڪيستائين ريپ ويپن، جنگ ۽ نفسياتي دٻاءَ جو شڪار رهنديون، آخر ڪيستائين دنيا خاموش تماشائي بڻيل رهندي؟ ڪشميري عورتون انصاف جون منتظر آهن.

مزید خبریں