چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو سعودي عرب جو دورو، سعودي دفاع وزير شهزاده خالد بن سلمان سان ملاقات

راولپنڊي- 7 مارچ (اي پي پي) آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سعودي عرب جو دورو ڪيو ۽ سعودي دفاع وزير شهزاده خالد بن سلمان سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب، ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين ايراني ڊرون ۽ ميزائل حملن مان پيدا ٿيندڙ سيڪيورٽي صورتحال جي سنگيني ۽ اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي جي فريم ورڪ اندر انهن …

راولپنڊي- 7 مارچ (اي پي پي) آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سعودي عرب جو دورو ڪيو ۽ سعودي دفاع وزير شهزاده خالد بن سلمان سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب، ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين ايراني ڊرون ۽ ميزائل حملن مان پيدا ٿيندڙ سيڪيورٽي صورتحال جي سنگيني ۽ اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي جي فريم ورڪ اندر انهن کي روڪڻ لاءِ گڏيل قدمن جي ضرورت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته بي سبب جارحيت علائقائي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ ڪوششن کي ڪمزور ڪري ٿي ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي امڪانن کي محدود ڪري ڇڏي ٿي. ٻنهي ڌرين اميد ۽ خواهش جو اظهار ڪيو ته ڀائر مُلڪ ايران دانشمندي ۽ ڏاهپ جو مظاهرو ڪندو ته جيئن ڪو به غلط اندازو نه ٿئي ۽ بحران جي پرامن حل جي ڪوشش ڪندڙ دوست ملڪن جا هٿ مضبوط ٿين.

مزید خبریں