اسلام آباد -07 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ ٻن ڌار ڌار ڪارروائين دوران ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر هرنائي ۽ بسيمه ۾ انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروائين دوران 15 ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن …
صدر آصف علي زرداري پاران بلوچستان ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد -07 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ ٻن ڌار ڌار ڪارروائين دوران ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر هرنائي ۽ بسيمه ۾ انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروائين دوران 15 ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيت ۽ عزم کي ساراهيو آهي. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ پرڏيهي پٺڀرائي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو پهرين ترجيح آهي. صدر چيو ته وطن جي حفاظت جي پختي عزم ۾ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.











