صدر آصف علي زرداري پاران قومي هاڪي ٽيم جي ڊگهي وقفي کان پوءِ هاڪي ورلڊڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ تي خوشي جو اظهار

اسلام آباد -07  مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري  قومي هاڪي ٽيم جي ڊگهي وقفي کان پوءِ هاڪي ورلڊڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته اها ڪاميابي پاڪستان ۾ هاڪي ۽ نوجوان رانديگرن لاءِ حوصلي جو پيغام آهي. ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته راند قومي اتحاد، نظم و ضبط ۽ صحتمند …

اسلام آباد -07  مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري  قومي هاڪي ٽيم جي ڊگهي وقفي کان پوءِ هاڪي ورلڊڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته اها ڪاميابي پاڪستان ۾ هاڪي ۽ نوجوان رانديگرن لاءِ حوصلي جو پيغام آهي. ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته راند قومي اتحاد، نظم و ضبط ۽ صحتمند معاشري کي هٿي وٺائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. صدر هاڪي ۽ فٽبال جهڙن عوامي راندين کي هٿي وٺائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي  چيو ته اهو  محنتي طبقي ۽ عام ماڻهن جي راند آهي جنهن کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ گهرجي.

مزید خبریں