اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ تي قومي هاڪي ٽيم کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته رانديگرن ٽورنامينٽ ۾ شاندار راند جو مظاهرو ڪري 8 سالن کانپوءِ ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته اها ڪاميابي ٽيم ورڪ ۽ رانديگرن جي محنت جو نتيجو آهي. اها ڪاميابي ثابت ڪري ٿي ته …
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين پاران ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ تي قومي هاڪي ٽيم کي مبارڪون
اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ تي قومي هاڪي ٽيم کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته رانديگرن ٽورنامينٽ ۾ شاندار راند جو مظاهرو ڪري 8 سالن کانپوءِ ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته اها ڪاميابي ٽيم ورڪ ۽ رانديگرن جي محنت جو نتيجو آهي. اها ڪاميابي ثابت ڪري ٿي ته پاڪستان ۾ هاڪي جو ٽيلنٽ موجود آهي. محسن نقوي چيو ته ڪپتان عماد شڪيل بٽ سميت سڀني رانديگرن جي بهترين ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي. اميد آهي ته قومي ٽيم فائنل کٽي واپس ايندي.












