اسلام آباد – 06 مارچ (اي پي پي) آپريشن غضب الحق دوران 6 مارچ 2026ع ٽپهر 4 وڳي تائين افغان طالبان رجيم جا 527 ڪارندا ماريا ۽ 755 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته آپريشن غضب الحق دوران افغان طالبان جون 237 چيڪ پوسٽون تباهه ٿيون جڏهن ته 38 چيڪ پوسٽن تي …
آپريشن غضب الحق دوران 6 مارچ 2026ع ٽپهر 4 وڳي تائين افغان طالبان رجيم جا 527 ڪارندا ماريا ۽ 755 کان وڌيڪ زخمي ٿيا: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 مارچ (اي پي پي) آپريشن غضب الحق دوران 6 مارچ 2026ع ٽپهر 4 وڳي تائين افغان طالبان رجيم جا 527 ڪارندا ماريا ۽ 755 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته آپريشن غضب الحق دوران افغان طالبان جون 237 چيڪ پوسٽون تباهه ٿيون جڏهن ته 38 چيڪ پوسٽن تي قبضو ڪيو ويو. اهڙي طرح 205 ٽينڪ، بڪتربند گاڏيون ۽ آرٽلري گنز (توپون) تباهه ڪيون ويون. سڄي افغانستان ۾ 62 جاين کي فضائي ڪارروائي ۾ موثر طور تي نشانو بڻايو ويو.











