اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر 6 مارچ کان 11 مارچ 2026ع دوران امڪاني موسمي صورتحال بابت جائزو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب ايندڙ هفتي دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ مجموعي طور تي موسم خشڪ رهڻ جڏهن ته گرمي پد ۾ غير معمولي اضافي جو امڪان آهي. جاري ڪيل جائزي موجب پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ …
اين ڊي ايم اي پاران 6 کان 11 مارچ دوران امڪاني موسمي صورتحال بابت جائزو جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر 6 مارچ کان 11 مارچ 2026ع دوران امڪاني موسمي صورتحال بابت جائزو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب ايندڙ هفتي دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ مجموعي طور تي موسم خشڪ رهڻ جڏهن ته گرمي پد ۾ غير معمولي اضافي جو امڪان آهي. جاري ڪيل جائزي موجب پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ موسم خشڪ رهندي جڏهن ته 9 کان 11 مارچ دوران ڪجهه هنڌن تي طوفان ۽ تيز هوائن سان هلڪي برسات جو امڪان آهي. پوٺوهار خطي سميت اسلام آباد، راولپنڊي، اٽڪ، چڪوال، جهلم ۽ ميانوالي ۾ به 9 کان 11 مارچ دوران موسم جهڙالي ۽ هلڪي برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهڻ جي اميد آهي، جڏهن ته ڪوئيٽا، زوب، زيارت ۽ قلات سميت اتر بلوچستان ۾ 7 کان 9 مارچ دوران هلڪي برسات ۽ جهڙالي موسم جو امڪان آهي. اهڙي طرح خيبرپختونخوا ۾ 6 کان 11 مارچ دوران مجموعي طور تي موسم خشڪ ۽ گرمي پد ۾ اضافي جو امڪان آهي، سنڌ ۾ مجموعي طور تي موسم خشڪ جڏهن ته ڏينهن جي وقت گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. اداري آبادگارن کي مشورو ڏنو آهي ته هو فصلن جي موثر آبپاشي جو بندوبست يقيني بڻائين. اين ڊي ايم اي چيو ته هو سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ عوام کي موسمي صورتحال ۽ امڪاني خطرن کان اڳواٽ آگاهي فراهم ڪري رهيو آهي.











