لاهور-04 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش خلاف ٽن ميچن جي ون ڊي انٽرنيشنل سيريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سيريز 11 کان 15 مارچ تائين ڍاڪا ۾ کيڏي ويندي ۽ ٽئي ميچون شيرِ بنگلا نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ منعقد ٿينديون. فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي ون ڊي ٽيم جي قيادت جاري رکندو جڏهن ته اسڪواڊ ۾ 6 نون رانديگرن کي شامل ڪيو ويو …
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران بنگلاديش خلاف ون ڊي سيريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ، 06 نون رانديگرن جي شموليت
لاهور-04 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش خلاف ٽن ميچن جي ون ڊي انٽرنيشنل سيريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سيريز 11 کان 15 مارچ تائين ڍاڪا ۾ کيڏي ويندي ۽ ٽئي ميچون شيرِ بنگلا نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ منعقد ٿينديون. فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي ون ڊي ٽيم جي قيادت جاري رکندو جڏهن ته اسڪواڊ ۾ 6 نون رانديگرن کي شامل ڪيو ويو آهي. نون رانديگرن ۾ عبدالصمد، معاذ صداقت، محمد غازي غوري، سعد مسعود، صاحبزاده فرحان ۽ شامل حسين شامل آهن. انهن ۾ عبدالصمد، معاذ صداقت، سعد مسعود ۽ شامل حسين تازو ئي ابوظهبي ۾ انگلينڊ لائنز خلاف پاڪستان شاهينز جي نمائندگي ڪري چڪا آهن. اعلان ڪيل 15 رڪني اسڪواڊ ۾ شاهين شاهه آفريدي(ڪپتان)، عبدالصمد، ابرابر احمد، فهيم اشرف، فيصل اڪرم، حارث رئوف، حسين طلعت، معاذ صداقت، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر)، محمد وسيم جونيئر، محمد غازي غوري (وڪيٽ ڪيپر)، سعد مسعود، صاحبزاده فرحان، سلمان علي آغا ۽ شامل حسين شامل آهن. شيڊول موجب قومي ٽيم 8 مارچ تي بنگلاديش پهچندي جڏهن ته 10 مارچ تي پريڪٽس سيشن ٿيندو. پهرين ون ڊي 11 مارچ، ٻي 13 مارچ ۽ ٽئين ۽ آخري ون ڊي 15 مارچ تي شيرِ بنگلا نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، ڍاڪا ۾ کيڏي ويندي.












