يو اي اي ۾ ٽينس ٽورنامينٽ ۽ قطر ۾ رولڊ اينڊ رينس چيمپئين شپ ملتوي

دبئي-04 مارچ (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي رياست فجيره ۾ آئل ريفائنري تي ڊرون حملن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال بابت جاري اي ٽي پي چئلينجز ٽينس ٽورنامينٽ ملتوي ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب ٽورنامينٽ دوران فضا ۾ ڊرون کي ناڪاره بڻائڻ کانپوءِ ڪرندڙ ملبي سان راند واري هنڌ رڳو 15 ڪلوميٽر پري آئل فيلڊ ۾ باهه لڳي وئي جنهن کانپوءِ رانديگرن ۽ عملي جي حفاظت کي نظر ۾ …

دبئي-04 مارچ (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي رياست فجيره ۾ آئل ريفائنري تي ڊرون حملن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال بابت جاري اي ٽي پي چئلينجز ٽينس ٽورنامينٽ ملتوي ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب ٽورنامينٽ دوران فضا ۾ ڊرون کي ناڪاره بڻائڻ کانپوءِ ڪرندڙ ملبي سان راند واري هنڌ رڳو 15 ڪلوميٽر پري آئل فيلڊ ۾ باهه لڳي وئي جنهن کانپوءِ رانديگرن ۽ عملي جي حفاظت کي نظر ۾ رکندي ايونٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اي ٽي پي عملدارن موجب رانديگرن کي مڪمل مدد فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ سندن محفوظ واپسي جا انتظام ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ايندڙ هفتي فجيره ۾ ٿيندڙ ٻيو چئلينجز ايونٽ به رد ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف قطر ۾ مارچ جي آخر ۾ ٿيندڙ موٽر اسپورٽس ورلڊ اينڊ يورينس چيمپئين شپ جو افتتاحي رائونڊ قطر 1812 ڪلوميٽر کي به خطي ۾ ڇڪتاڻ جي صورتحال سبب ملتوي ڪيو ويو آهي. وچ اوڀر ۾ جاري جنگ سبب راندين جون سرگرميون بري طرح متاثر ٿي رهيون آهن جنهن جي نتيجي ۾ ايشين فوٽ بال ڪنفيڊريشن جي ڪلب ميچز، ابوظهبي ۾ باسڪٽ بال ٽورنامينٽ ۽ پاڪستان شاهينز خلاف انگلينڊ لائنز ڪرڪيٽ سيريز به رد ڪئي وئي آهي. گڏيل عرب امارات جي دفاع واري وزارت موجب ڇنڇر کان هن وقت تائين ملڪ کي 800 کان وڌيڪ ڊرونز ۽ 200 ميزائيلن سان نشانو بڻايو ويو آهي، اها ڇڪتاڻ تهران تي حملن کانپوءِ ايران ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن وچ ۾ شروع ٿيل فضائي ۽ ميزائيل ڪاررواين جو نتيجو آهي جنهن خطي ۾ عالمي راندين جي مستقبل تي سواليه نشان لڳائي ڇڏيو آهي.

مزید خبریں