لندن-02 مارچ (اي پي پي) انگلش پريميئر ليگ ۾ آرسنل جي ٽيم شاندار راند پيش ڪندي چيلسي کي 1-2 تان هارائي ڇڏيو. اها آرسنل جي اي پي ايل ۾ 19 هين فتح آهي ۽ پوائنٽس ٽيبل تي سندس پهرين پوزيشن اڃان تائين برقرار آهي. وليم سليبه ۽ جوريئن ٽمبر هڪ، هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم آرسنل جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق انگلش پريميئر فٽبال ليگ …
انگلش پريميئر ليگ، آرسنل جي 19 هين فتح
لندن-02 مارچ (اي پي پي) انگلش پريميئر ليگ ۾ آرسنل جي ٽيم شاندار راند پيش ڪندي چيلسي کي 1-2 تان هارائي ڇڏيو. اها آرسنل جي اي پي ايل ۾ 19 هين فتح آهي ۽ پوائنٽس ٽيبل تي سندس پهرين پوزيشن اڃان تائين برقرار آهي. وليم سليبه ۽ جوريئن ٽمبر هڪ، هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم آرسنل جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق انگلش پريميئر فٽبال ليگ جو 34 هون سيزن انگلينڊ ۾ جاري آهي جنهن ۾ فٽبال جي شوقينن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. انگلينڊ جي گادي واري شهر لنڊن جي ايمرٽس اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ليگ جي اهم ميچ ۾ آرسنل ۽ چيلسي جون ٽيمون آمهون سامهون هيون جنهن ۾ آرسنل جي ٽيم سخت مقابلي بعد چيلسي جي ٽيم کي هڪ جي مقابلي ۾ 2 گول تان هارائي ڇڏيو. آرسنل طرفان وليم سليبه 21 هين جڏهن ته جوريئن ٽمبر 66 هين منٽ ۾ هڪ، هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم کي فتح ڏياري. ميچ ۾ مخالف ٽيم، چيلسي پاران واحد گول پيرو هنڪاپي اسڪور ڪيو. اها آرسنل جي اي پي ايل ۾ 19 هين فتح آهي ۽ هو 64 پوائنٽس سان ٽيبل تي پهرين پوزيشن تي آهي.












