ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار استحڪام جو دارومدار ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل تي آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد  -25 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار استحڪام جو دارومدار ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل تي آهي، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي عوام جي سلامتي جي تحفظ سان گڏوگڏ امن، ڳالهه ٻولهه ۽ اقتصادي تعاون جي فروغ تي ٻڌل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان گورننس فورم 2026ع کي خطاب ڪندي ڪيو. …

اسلام آباد  -25 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار استحڪام جو دارومدار ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل تي آهي، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي عوام جي سلامتي جي تحفظ سان گڏوگڏ امن، ڳالهه ٻولهه ۽ اقتصادي تعاون جي فروغ تي ٻڌل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان گورننس فورم 2026ع کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم پاڪستان جي دفاعي صلاحيت کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور ۽ فيصلائتو جواب ڏيڻ جي صلاحيت ۽ عزم رکي ٿو تنهن هوندي به سفارتڪاري بدستور پاڪستان جي رياستي حڪمت عملي جو بنيادي ذريعو رهندي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار استحڪام جو دارومدار ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل تي آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب هجڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پرعزم آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ کنيل هڪطرفي قدمن جي واپسي جو پڻ مطالبو ڪيو. هن چيو ته چين سان پاڪستان جي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي جڏهن ته آمريڪا سان لاڳاپا دفاعي شعبي کان اڳتي وڌي واپار، ٽيڪنالاجي ۽ سيڙپڪاري تائين پکڙجي رهيا آهن. هن چيو ته بنگلاديش، وچ ايشيائي ملڪن ۽ نار رياستن سميت علائقائي ملڪن سان لاڳاپن کي اعليٰ سطح جي رابطن ۽ اقتصادي تعاون جي ذريعي وڌيڪ فروغ ڏنو پيو وڃي. نائب وزيراعظم اقتصادي سفارتڪاري کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو مرڪزي ٿنڀ قرار ڏيندي چيو ته سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات، توانائي ۽ صنعت جي شعبن تي ڌيان ڏئي قومي ترقي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻايو پيو وڃي.  گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي 26 – 2025ع جي مدي لاءِ غيرمستقل ميمبر چونڊجڻ جو حوالو ڏيندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته اها ڪاميابي پاڪستان جي اصولي ۽ تعميري سفارتڪاري تي عالمي برادري جي اعتماد جو مظهر آهي.

مزید خبریں