اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان گورننس فورم 2026ع مستقبل جي معاشي ترقي لاءِ عمل جوڳو ۽ نتيجا ڏيندڙ حل ڳولڻ جي مقصد لاءِ منعقد ڪيو ويو آهي، مباحثن، ماهرن جي راءِ ۽ پاليسي ڳالهين کانپوءِ اهڙا قدم تجويز ڪيا پيا وڃن جيڪي ملڪ کي پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ڪندا. هن اهڙو اظهار پاڪستان …
پاڪستان گورننس فورم 2026ع مستقبل جي معاشي ترقي لاءِ عمل جوڳو ۽ نتيجا ڏيندڙ حل ڳولڻ جي مقصد لاءِ منعقد ڪيو ويو آهي: احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان گورننس فورم 2026ع مستقبل جي معاشي ترقي لاءِ عمل جوڳو ۽ نتيجا ڏيندڙ حل ڳولڻ جي مقصد لاءِ منعقد ڪيو ويو آهي، مباحثن، ماهرن جي راءِ ۽ پاليسي ڳالهين کانپوءِ اهڙا قدم تجويز ڪيا پيا وڃن جيڪي ملڪ کي پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ڪندا. هن اهڙو اظهار پاڪستان گورننس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو موضوع ” ري اميجننگ گورننس فار اڙان پاڪستان“ آهي. فورم ۾ وفاقي ۽ صوبائي نمائندن، پاليسي ماهرن، نجي شعبي جي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته بهتر حڪمراني واضح هدفن جو تعين ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عملي قدمن سان جُڙندي آهي. گڊ گورننس جو نظام ميرٽ، شفافيت ۽ عوامي ڀلائي تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هن چيو ته رياستي ادارن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ پاليسين جي تسلسل سان ئي ترقي جو سفر ممڪن آهي. احسن اقبال چيو ته اڏام پاڪستان جي شروعات به انهي ويزن تحت ڪئي وئي آهي، جيڪا ملڪي معيشت جي بحالي ۽ ان کي پائيدار بنيادن تي هموار ڪرڻ لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ فراهم ڪري ٿي. هن ٻڌايو ته گذريل ٻن سالن ۾ حڪومت موثر معاشي پاليسين ذريعي ملڪ کي ڏيوالپڻي جي خطري مان ڪڍيو ۽ معاشي استحڪام جو بنياد رکيو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته جيڪڏهن سڌارن جي ايجنڊا کي مڪمل صلاحيت ۽ مثبت قومي هم آهنگي سان اڳتي وڌايو وڃي ته پاڪستان 2035ع تائين هڪ ٽريلين ڊالر جي معيشت بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿو. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاليسين جي تسلسل، اداره جاتي سڌارن ۽ ڊجيٽل تبديلي ذريعي پاڪستان کي خطي ۾ هڪ مضبوط ۽ چٽاڀيٽي واري معيشت بڻائي سگهجي ٿو.











