نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 26 کا 28 فيبروري تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو

اسلام آباد  -25 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 26 کا 28 فيبروري تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو جتي هو اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب وزارتي اجلاس 26 فيبروري جي رات جده ۾ ٿيندو. اجلاس اسرائيلي قابض عملدارن جي انهن غيرقانوني فيصلن تي غور جي …

اسلام آباد  -25 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 26 کا 28 فيبروري تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو جتي هو اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب وزارتي اجلاس 26 فيبروري جي رات جده ۾ ٿيندو. اجلاس اسرائيلي قابض عملدارن جي انهن غيرقانوني فيصلن تي غور جي لاءِ طلب ڪيو ويو آهي جن جو مقصد غيرقانوني يهودي بستين جي توسيع، الحاق جي پاليسي کي اڳتي وڌائڻ ۽ والاريل اولهندي ڪناري تي اسرائيلي قبضي کي لاڳو ڪرڻ آهي. اجلاس دوران نائب وزيراعظم والاريل اولهندي ڪناري جي ڪجهه علائقن کي نام نهاد ”اسٽيٽ لينڊ“ ۾ تبديل ڪرڻ جي اسرائيلي قدمن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. وزارتي اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو جن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب ۾ قيام دوران مقدس شهرن جو مختصر دورو پڻ ڪندو.

مزید خبریں