اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بوليده ميناز تربت ۾ فتنه الهندستان طرفان گهر تي حملو ڪري هڪ ئي خاندان جي 6 ماڻهن کي بي رحماڻي طريقي سان قتل ڪرڻ ۽ ساڙڻ جي مذمت ڪئي آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته معصوم ٻارن ۽ عورتن کي نشانو بڻائڻ انتهائي انسانيت لڄائيندڙ ۽ بزدلاڻو فعل آهي، هٿين خالي شهرين کي نشانو بڻائڻ …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران بوليده ميناز، تربت ۾ فتنه الهندستان طرفان گهر تي حملو ڪري هڪ ئي خاندان جي 6 ماڻهن کي بي رحماڻي طريقي سان قتل ڪرڻ ۽ ساڙڻ جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بوليده ميناز تربت ۾ فتنه الهندستان طرفان گهر تي حملو ڪري هڪ ئي خاندان جي 6 ماڻهن کي بي رحماڻي طريقي سان قتل ڪرڻ ۽ ساڙڻ جي مذمت ڪئي آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته معصوم ٻارن ۽ عورتن کي نشانو بڻائڻ انتهائي انسانيت لڄائيندڙ ۽ بزدلاڻو فعل آهي، هٿين خالي شهرين کي نشانو بڻائڻ ۽ زنده ساڙڻ ڪنهن به مذهب، معاشري، روايت ۽ قدرن جي ابتڙ آهي. هن چيو ته بي گناهه خاندان کي گهر سميت باهه ڏيڻ کليل دهشتگردي ۽ درندگي جو بدترين مثال آهي، دهشتگرد عنصر بلوچ روايتن ۽ قومي قدرن کي بدنام ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪري رهيا آهن. اسپيڪر شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته افسوسناڪ واقعي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جي خاندانن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. هن هدايت ڪئي ته واقعي ۾ ملوث عنصرن کي فوري طور تي گرفتار ڪري قرار واقعي سزا ڏني وڃي. اسپيڪر چيو ته معصوم حياتين جي ضايع ٿيڻ تي پوري قوم سوڳوار آهي. هن چيو ته قومي اتحاد سان فتنه الهندستان خلاف ڪارروايون جاري رهنديون، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ رياستي ادارن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. فتنه الهندستان جا دهشتگرد عنصر پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. اسپيڪر سردار اياز صادق شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.











