ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور طرفان رمضان ۾ عام واهپي وارين شين جا مقرر اگهه چڪاس ڪرڻ جو سلسلو جاري

لاڙڪاڻو - 25 فيبروري (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جو رمضان ۾ عام واهپي وارين شين جا مقرر اگهه چڪاس ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور سان گڏجي رمضان شريف ۾ مقرر ڪيل اگهن جي چڪاس لاءِ شڪارپور شهر جي مختلف مارڪيٽن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي مختلف بازارن، گوشت مارڪيٽن ۽ هوٽلن تي به اوچتو دورا ڪيا ويا. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور روزانو استعمال ٿيندڙ کاڌي پيتي جي شين جا اگھ …

لاڙڪاڻو – 25 فيبروري (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جو رمضان ۾ عام واهپي وارين شين جا مقرر اگهه چڪاس ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور سان گڏجي رمضان شريف ۾ مقرر ڪيل اگهن جي چڪاس لاءِ شڪارپور شهر جي مختلف مارڪيٽن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي مختلف بازارن، گوشت مارڪيٽن ۽ هوٽلن تي به اوچتو دورا ڪيا ويا. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور روزانو استعمال ٿيندڙ کاڌي پيتي جي شين جا اگھ معلوم ڪيا ۽ وڌيڪ منافعو وٺندڙ دڪاندارن خلاف ڪارروايون ڪندي ڏنڊ وصول ڪيو. دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور پاران شڪايت مرڪز جو پڻ دورو ڪيو، دوري دوران اسٽاف جي موجودگي کي چيڪ ڪيو. دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۽ تعلقي شڪارپور آفيس جو ٻيو اسٽاف پڻ موجود هو.