ڪينڊي -25 فيبروري(اي پي پي) سريلنڪا ۾ کيڏيل آءِ سي سي ٽي -20 ورلڊ ڪپ جي سپر 8 مرحلي جي اهم مقابلي ۾ انگلينڊ خلاف ميچ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي چيو ته ٽيم اڃان به ٽورنامينٽ مان ٻاهر ناهي ٿي سڄو ڌيان ايندڙ ميچ کٽڻ تي آهي .سندس چوڻ هيو ته ٻين ميچن جي نتيجن تي به نظر آهي. هن انگلينڊ …
ٽيم اڃان به ٽورنامينٽ مان ٻاهر ناهي ٿي، سڄو ڌيان ايندڙ ميچ کٽڻ تي آهي: شاهين شاهه آفريدي
ڪينڊي -25 فيبروري(اي پي پي) سريلنڪا ۾ کيڏيل آءِ سي سي ٽي -20 ورلڊ ڪپ جي سپر 8 مرحلي جي اهم مقابلي ۾ انگلينڊ خلاف ميچ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي چيو ته ٽيم اڃان به ٽورنامينٽ مان ٻاهر ناهي ٿي سڄو ڌيان ايندڙ ميچ کٽڻ تي آهي .سندس چوڻ هيو ته ٻين ميچن جي نتيجن تي به نظر آهي. هن انگلينڊ جي بيٽسمين هيري بروڪ جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته هن غير معمولي اننگ کيڏي ۽ ميچ پنهنجي طرف ڪري ورتي. شاهين موجب هيري بروڪ با اعتماد ۽ معياري راند کيڏي هن اهو به چيو ته هيري بروڪ سان دوستاڻا لاڳاپا آهن. ٻئي فرنچائز ڪرڪٽ ۾ گڏ کيڏي چڪا آهن. شاهين آفريدي جو چوڻ هيو ته هڪ مرحلي ۾ ٽيم جو اسڪور 180 تائين اچڻ وڃڻو هو پر اهم ڀائيواري جي کوٽ محسوس ٿي. سندس موجب ان وڪيٽ تي وڌيڪ وڏو اسڪور ٺهي پئي سگيو.












