ڪراچي-24 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي صوبي جي فائر فائٽنگ ۽ ايمرجنسي رسپانس نظام کي جديد بڻائڻ ۽ نئون شروعاتي انتباهي عوامي الرٽ سسٽم متعارف ڪرائڻ لاءِ 33.7 ارب رپين جي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير جي ترجمان موجب صوبائي ڪابينا مزدورن جي حقن بابت اهم فيصلو ڪندي زرعي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ عورت …
سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس، ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا

مزید خبریں
ڪراچي-24 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي صوبي جي فائر فائٽنگ ۽ ايمرجنسي رسپانس نظام کي جديد بڻائڻ ۽ نئون شروعاتي انتباهي عوامي الرٽ سسٽم متعارف ڪرائڻ لاءِ 33.7 ارب رپين جي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير جي ترجمان موجب صوبائي ڪابينا مزدورن جي حقن بابت اهم فيصلو ڪندي زرعي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ عورت مزدورن لاءِ برابر اجرت، ڪم جا مقرر ڪيل ڪلاڪ، زچگي سهولتون، صحت ۽ ٻارن جي غذائيت تائين پهچ، ڪم جي هنڌ تي هراساني کان تحفظ، لکت ۾ معاهدو ۽ يونين سازي جو حق ڏيڻ جي به منظوري ڏني. وڏي وزير صوبائي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي ۽ سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس 1122 کي جديد بڻائڻ لاءِ اربين روپين جي منصوبي جي منظوري ڏني. ڪابينا حڪومت کان حڪومت بندوبست تحت خاص اوزار ۽ گاڏيون حاصل ڪرڻ لاءِ چيني قونصل خاني سان رابطو ڪرڻ جي به اجازت ڏني. خريداري ۾ 100 فائر ٽينڊر، 35 واٽر بائوزر، خاص اسنارڪلز ۽ 50 آل ٽيرين فائر وهيڪل شامل هوندا، جديد فائر فائٽنگ لاءِ اٺ فائر فائٽنگ ڊرون، 12 ملٽي پرپز ڊرون ۽ نئون شروعاتي انتباهي عوامي الرٽ سسٽم به حاصل ڪيو ويندو. منصوبي جي ٽوٽل لاڳت 33.7 ارب رپيا آهي، جيڪا ٽن مالي سالن دوران اوزارن، انفراسٽرڪچر ۽ عملي تي خرچ ڪئي ويندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، گهرو وزير ۽ بلديات واري وزير تي ٻڌل اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو ته جيئن سنڌ جي ريسڪيو سروسز جي ٻيهر تنظيم سازي ڪري ايمرجنسي حالتن ۾ تيز ۽ مربوط ردعمل کي يقيني بڻايو وڃي. ڪابينا سنڌ عورت زرعي مزدور ايڪٽ 2019ع تي عملدرآمد لاءِ سنڌ عورت زرعي مزدور قاعدا 2026ع تي غور ڪيو، جن جو مقصد زراعت، لائيو اسٽاڪ ۽ ماهيگيري جي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي قانوني سڃاڻپ ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. انهن قاعدن جو مسودو انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي ٽيڪنيڪل سهڪار سان تيار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ برابر اجرت، ڪم جا ڪلاڪ، زچگي سهولتون، صحت ۽ ٻارن جي غذائيت، هراساني کان تحفظ، لکت معاهدو ۽ تنظيم سازي جو حق شامل آهي. قاعدن تحت ”بينظير عورت زرعي مزدور ڪارڊ“ جاري ڪرڻ ۽ ”بينظير وومين سپورٽ پروگرام“ قائم ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي. ڀڃڪڙي وارن ڪيسن جي ٻڌڻي ليبر ڪورٽن ۾ ٿيندي جتي ڏنڊ ۽ قيد جون سزائون مقرر هونديون. ڪابينا زراعت ۽ محنت وارن وزيرن تي مشتمل ڪميٽي به جوڙي آهي جيڪا حتمي منظوري کان اڳ قاعدن جو جائزو وٺي سفارشون پيش ڪندي. سنڌ جي محنت کاتي صنعتي ضابطن کي جديد بڻائڻ ۽ صوبي ۾ ڪاروبار لاءِ سهولت پيدا ڪرڻ خاطر اهم قانوني ترميمون تجويز ڪيون. اهي سڌارا سنڌ بزنس ون اسٽاپ شاپ (ايس-باس) قدمن تحت ڪيا پيا وڃن، جنهن جي اڳواڻي سيڙپڪاري کاتو ڪري رهيو آهي ۽ عالمي بئنڪ ان جو سهڪار ڪري رهي آهي. ترميمن جو مرڪزي نقطو فيڪٽرين ۽ واپاري ادارن جي رجسٽريشن جي ڊجيٽل عمل کي قانوني حيثيت ڏيڻ آهي. سنڌ فيڪٽرز ايڪٽ 2015ع جي شق 10 ۾ ترميم تحت فيڪٽري مالڪن کي ڪاروبار شروع ڪرڻ جو نوٽيس آن لائن جمع ڪرائڻ لازمي هوندو. اي-لائسنسنگ پورٽل لاڳو ڪرڻ جي به حمايت ڪئي وئي آهي جنهن جي منظوري 30 مئي 2024ع تي ڪابينا ڏني هئي ۽ اهو 16 کاتن کي سهولتون فراهم ڪندو. دڪانن ۽ واپاري ادارن لاءِ آن لائن درخواست جمع ڪرائڻ شرط ڏهه ڏينهن لاءِ عبوري سرٽيفڪيٽ پاڻمرادو جاري ٿيندو، جيڪڏهن آن لائن پورٽل لڳاتار ڏهه ڏينهن تائين دستياب نه هجي ته قانون تحت هٿ سان درخواست ڏيڻ جي اجازت هوندي. بيوروڪريٽڪ دير گهٽائڻ لاءِ سخت ٽائيم لائين مقرر ڪيون ويون آهن، مجاز انسپيڪٽر مڪمل درخواست ملڻ کان ست ڏينهن اندر فيڪٽري رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ جاري ڪندا يا لکت ۾ اعتراض ظاهر ڪندا، رد يا دير ٿيل درخواستن خلاف اپيل چيف انسپيڪٽر وٽ ڪري سگهبي، جيڪو فيڪٽرين لاءِ 14 ڏينهن ۽ دڪانن لاءِ 10 ڏينهن اندر فيصلو ڪندو. ڊجيٽلائيزيشن سان گڏ مزدورن جي معيار ۽ قانوني طريقيڪار ۾ به بهتري آندي وئي آهي. سنڌ فيڪٽرز ايڪٽ جي شق 57 ۾ ترميم تحت ڪو به بالغ مزدور روزانو 9 ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪم نه ڪندو جيئن شق 54 ۾ هفتي واري حد مقرر آهي. سنڌ شاپس اينڊ ڪمرشل اسٽيبلشمينٽ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ هاڻي ڊپٽي چيف انسپيڪٽر آف شاپس جي اڳواٽ منظوري لازمي هوندي ته جيئن هڪجهڙو لاڳو ٿيڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. ڪابينا انهن ترميمن جي منظوري ڏئي انهن کي اسيمبلي ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي. سنڌ ڪابينا، ناڻي بابت ڪابينا ڪميٽي پاران منظور ڪيل 23766.941 ملين رپين جي فيصلن جي توثيق ڪئي. ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن تحت روڊن جي بحالي لاءِ 8,530 ملين رپين جي گرانٽ منظور ڪئي وئي. گل پلازا ۾ لڳل باهه سبب متاثر واپارين کي 7000 ملين رپين جو معاوضو ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي. آءِ آءِ چندريگر روڊ تي واقع حبيب انشورنس/ايڪسچينج بلڊنگ جي خريداري لاءِ 1570 ملين رپيا ۽ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن تحت بحالي ڪم لاءِ 5206.941 ملين رپيا منظور ڪيا ويا. ڪچي علائقن ۾ ڏوهاري عنصرن خلاف ڪارروائين لاءِ سنڌ پوليس کي 560 ملين رپيا ۽ پيپلز انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرام (پي آءِ ٽي پي-ٽو) لاءِ 900 ملين رپيا رکيا ويا. اجلاس جي شروعات تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بابرڪت مهيني رمضان جي حرمت تي زور ڏيندي سڄي صوبي ۾ اگهن جي ڪنٽرول ۽ خوراڪ جي شين جي اعليٰ معيار کي يقيني بڻائڻ لاءِ واضح هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه فوري قدمن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 23 فيبروري تي اگهن جي جانچ لاءِ 870 دڪانن جو معائنو ڪيو ويو، 119 هنڌن تي اسسٽنٽ ڪمشنرن سرڪاري اگهن تي شين جي نيلامي ڪرائي جڏهن ته مجموعي طور 24 لک رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.ڪابينا سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. هي نئون قانوني ادارو نيپرا جهڙي طرز تي سنڌ ريگيوليشن آف اليڪٽرڪ پاور سروسز ايڪٽ 2023ع تحت قائم ڪيو ويو آهي. سليڪشن ڪميٽي جي سفارش تي رفيق احمد شيخ کي چيئرمين سيپرا مقرر ڪيو ويو. ميمبر ٽيڪنيڪل اينڊ ڊولپمينٽ لاءِ نند لال پي شرما، ميمبر ليگل اينڊ ڪارپوريٽ لاءِ ارتضيٰ الرحمان ۽ ميمبر فنانس اينڊ پاليسي لاءِ محمد حنيف ادريس کي بنيادي اميدوار طور نامزد ڪيو ويو آهي. ڪابينا غلام الله شيخ جي بطور ميمبر (لا) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ۾ مقرري جي به منظوري ڏني. سنڌ ڪابينا بلوچستان صحت کاتي ۽ سنڌ سينٽر فار آٽزم ريھبليٽيشن اينڊ ٽريننگ خاص فردن بابت بااختيار کاتي ڊي اي پي ڊي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، جيئن بلوچستان ۾ آٽزم بحالي خدمتن جي قيام ۾ سهڪار فراهم ڪري سگهجي. هن مفاهمتي يادداشت تحت ڪوئيٽا ۾ بلوچستان انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ سروسز اندر سي آرٽس جي طرز تي هڪ مرڪز قائم ڪيو ويندو. سنڌ حڪومت ٽيڪنيڪل سهڪار، عملي جي تربيت، صلاحيتن ۾ واڌ ۽ آپريشنل رهنمائي فراهم ڪندي. ڪابينا ڪراچي ۽ الماٽي وچ ۾ سسٽر سٽي لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ ”ٽوئننگ ايگريمينٽ“ جي باقاعده منظوري ڏني آهي، هن قدم جو مقصد ٻنهي واپاري مرڪزن وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ڪرڻ ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي، هن شراڪتداري تحت واپار، سيڙپڪاري، مصنوعي ذهانت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون تي ڌيان ڏنو ويندو. شهري منصوبابندي، ٽرانسپورٽ، عام صحت ۽ ماحولياتي تحفظ جي شعبن ۾ ماهرن جي مٽاسٽا ڪئي ويندي. سياحت جي فروغ، نوجوانن ۽ تعليمي ادارن وچ ۾ لاڳاپا وڌائڻ لاءِ گڏيل قدم کنيا ويندا. سنڌ ڪابينا يونين ڪونسل 16 بائجي شريف جي چيئرمين شفقت الله ڀٽو کي سنگين بدانتظامي ۽ بدعنواني جي الزامن تي برطرف ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. اهو قدم وائيس چيئرمين علي اصغر ڪلهوڙو جي شڪايت تي کنيو ويو. صوبائي لوڪل گورنمينٽ ڪميشن جي انڪوائري بعد کيس قصوروار قرار ڏنو ويو. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ٻيهر چونڊ لاءِ معاملو موڪلڻ جي سفارش جي توثيق ڪئي وئي آهي. عبوري طور انتظامي ذميواريون وائيس چيئرمين حوالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ڪابينا لي ٽون رحمت الله بينيوولٽ ٽرسٽ جي درخواست منظور ڪندي نارٿ ناظم آباد بلاڪ بي اسڪيم ٽو ۾ واقع پلاٽ نمبر ايس ڊي-19 (ايراضي 1000 اسڪوائر گز) جي زمين جي حيثيت ڪمرشل کان امينٽي ۾ تبديل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي جيئن اتي فلاحي اکين جو اسپتال قائم ڪري سگهجي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگار، چيف سيڪريٽري، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار شرڪت ڪئي.











