لاهور-24 فيبروري (اي پي پي) قومي هاڪي ٽيم ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد کان مصر لاءِ روانو ٿي وئي. ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ پهرين مارچ کان 7 مارچ تائين مصر ۾ کيڏيو ويندو. قومي ٽيم سان هيڊ ڪوچ خواجه محمد جنيد، اسسٽنٽ ڪوچ محمد اظفر يعقوب، ڪونٽينجنٽ هيڊ ۽ رٽائرڊ ڪپتان فرخ عتيق خان، وڊيو اينالسٽ سلطان اشرف، اسسٽنٽ فزيو ٿراپسٽ عارف حليم به موجود آهن. قومي اسڪواڊ …
قومي هاڪي ٽيم ايف آءِ ايڇ مينز ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز ۾ شرڪت لاءِ مصر روانو
لاهور-24 فيبروري (اي پي پي) قومي هاڪي ٽيم ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد کان مصر لاءِ روانو ٿي وئي. ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ پهرين مارچ کان 7 مارچ تائين مصر ۾ کيڏيو ويندو. قومي ٽيم سان هيڊ ڪوچ خواجه محمد جنيد، اسسٽنٽ ڪوچ محمد اظفر يعقوب، ڪونٽينجنٽ هيڊ ۽ رٽائرڊ ڪپتان فرخ عتيق خان، وڊيو اينالسٽ سلطان اشرف، اسسٽنٽ فزيو ٿراپسٽ عارف حليم به موجود آهن. قومي اسڪواڊ ۾ شامل رانديگرن ۾ منيب الرحمان، علي رضا، عماد شڪيل بٽ، محمد سفيان خان، غضنفر علي، احمد نديم، معين شڪيل، محمد عبدالله، محمد حماد الدين انجم، رانا عبدالوحيد اشرف، افراز، ابوبڪر محمود، عبدالرحمان، حمزه فياض، زڪريا حيات، ارشد لياقت، رانا محمد وليد اشرف، ارباز احمد، محمد حماد ۽ عمير ستار شامل آهن. پي ايڇ ايف جي صدر محي الدين واني قومي ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته قوم پنهنجي ٽيم جي شاندار راند ۽ بهترين پرفارمنس لاءِ دعاڳو آهي ۽ اميد آهي ته ٽيم ڪاميابي سان وطن واپس ايندي.












