سنڌ جي گورنر عالمي بينڪ جي سھڪار سان شروع ڪيل ”سنڌ پبلڪ ريسورسز فار انڪلوسيو ڊولپمينٽ پروگرام“ جي پراجيڪٽ معاھدي جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي-24 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري عالمي بينڪ جي سھڪار سان شروع ڪيل ”سنڌ پبلڪ ريسورسز فار انڪلوسيو ڊولپمينٽ پروگرام“ جي پراجيڪٽ معاھدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. ان قدم کي صوبي ۾ مالي انتظام ۽ عوامي خدمتن جي نظام ۾ بھتري ڏانھن اھم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي. گورنر ھائوس مان جاري پريس رليز موجب گورنر ان رٿا تحت سنڌ حڪومت جي ناڻي واري …

ڪراچي-24 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري عالمي بينڪ جي سھڪار سان شروع ڪيل ”سنڌ پبلڪ ريسورسز فار انڪلوسيو ڊولپمينٽ پروگرام“ جي پراجيڪٽ معاھدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. ان قدم کي صوبي ۾ مالي انتظام ۽ عوامي خدمتن جي نظام ۾ بھتري ڏانھن اھم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي. گورنر ھائوس مان جاري پريس رليز موجب گورنر ان رٿا تحت سنڌ حڪومت جي ناڻي واري سيڪريٽري کي معاھدي تي صحيحن لاءِ مجاز صحيحون ڪندڙ نامزد ڪيو آھي. گورنر موجب 100 ملين آمريڪي ڊالر ماليت جي ان رٿا وسيلي مالي انتظام ۽ سروس ڊليوري جي نظام کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو وڃي. ھن چيو تھ رٿا جو بنيادي مقصد محصولن ۾ اضافو، شفاف خرچن کي يقيني بنائڻ ۽ انگن اکرن تي ٻڌل حڪمراني جي طرز کي ھٿي وٺائڻ آھي. گورنر ان عزم جو اظھار ڪيو تھ رٿا سنڌ ۾ مالي شفافيت، بھتر حڪمراني ۽ عوامي خدمتن جي بھتري لاءِ ھڪ اھم سنگ ميل ثابت ٿيندي.