ڪينڊي- 24 فيبروري (اي پي پي) آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ سپر 8 رائونڊ جي گروپ ٽو جو اهم ميچ پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ اڄ سريلنڪا جي پالي ڪيلي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. ميچ مقامي وقت موجب شام 7 وڳي شروع ٿيندو. انگلينڊ پنهنجو پهريون ميچ کٽيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ جي وچ ۾ پهريون ميچ برسات سبب ختم ٿي ويو …
پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ سپر 8 رائونڊ جو اهم ميچ شام 7 وڳي کيڏيو ويندو
ڪينڊي- 24 فيبروري (اي پي پي) آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ سپر 8 رائونڊ جي گروپ ٽو جو اهم ميچ پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ اڄ سريلنڪا جي پالي ڪيلي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. ميچ مقامي وقت موجب شام 7 وڳي شروع ٿيندو. انگلينڊ پنهنجو پهريون ميچ کٽيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ جي وچ ۾ پهريون ميچ برسات سبب ختم ٿي ويو ۽ ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ مليو. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ کيڏيل مجموعي عالمي ٽي 20 ميچن ۾ انگلينڊ کي واضح برتري حاصل آهي. پالي ڪيلي جي وڪيٽ عام طور تي اسپن بالرن لاءِ مددگار ثابت ٿيندي آهي ۽ انهي عنصر هتي منعقد ٿيندڙ تازين ميچن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.












