لاڙڪاڻو جي ڪچي وارن علائقن ۾ نجات مهراڻ آپريشن جاري، 2 ڌاڙيل هٿيار ڦٽو ڪري پوليس آڏو پيش

لاڙڪاڻو - 23 فيبروري(اي پي پي) ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي قيادت ۾ ڪچي وارن علائقن ۾ جاري نجات مهراڻ آپريشن ۾ ملندڙ ڪاميابين جو سلسلو جاري آهي. ڪشمور پوليس ۽ سنڌ رينجرز جي گڏيل آپريشن ۾ نجات مهراڻ آپريشن ۾ ٻن ڌاڙيلن هٿيار ڦٽو ڪري ڇڏيا. پوليس جي مؤثر ۽ مسلسل آپريشنل دٻاءَ جي نتيجي ۾ ٻنهي ملزمن  بي سيڪشن ٿاڻي ڪنڌڪوٽ ۾ پاڻ کي قانون حوالي ڪندي هٿيار ڦٽو ڪيا. ٻنهي …

لاڙڪاڻو – 23 فيبروري(اي پي پي) ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي قيادت ۾ ڪچي وارن علائقن ۾ جاري نجات مهراڻ آپريشن ۾ ملندڙ ڪاميابين جو سلسلو جاري آهي. ڪشمور پوليس ۽ سنڌ رينجرز جي گڏيل آپريشن ۾ نجات مهراڻ آپريشن ۾ ٻن ڌاڙيلن هٿيار ڦٽو ڪري ڇڏيا. پوليس جي مؤثر ۽ مسلسل آپريشنل دٻاءَ جي نتيجي ۾ ٻنهي ملزمن  بي سيڪشن ٿاڻي ڪنڌڪوٽ ۾ پاڻ کي قانون حوالي ڪندي هٿيار ڦٽو ڪيا. ٻنهي ڌاڙيلن جي نالا شبير احمد بجاراڻي ۽ مولا داد عرف مولا بخش عرف بابو بجاراڻي طور نالا ظاهر ڪيا ويا آهن. جيڪي سنگين نوعيت جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ پوليس کي انتهائي گھربل هئا.