پشاور-23 فيبروري (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان هلال احمر خيبر پختونخوا جي چيئرمين فرزند علي وزير ۽ صوبائي سيڪرٽري عابد الرحمان مروت گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ هلال احمر سان لاڳاپيل ڪيترن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر، ان موقعي تي هدايت ڪئي ته هلال احمر صوبي ۾ غريب ۽ پسمانده طبقن …
گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي خيبر پختونخوا جي هلال احمر جي چيئرمين سان ملاقات

مزید خبریں
پشاور-23 فيبروري (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان هلال احمر خيبر پختونخوا جي چيئرمين فرزند علي وزير ۽ صوبائي سيڪرٽري عابد الرحمان مروت گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ هلال احمر سان لاڳاپيل ڪيترن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر، ان موقعي تي هدايت ڪئي ته هلال احمر صوبي ۾ غريب ۽ پسمانده طبقن جي خدمت لاءِ جنگي بنيادن تي قدم کڻي. تنظيم پنهنجي هنگامي ردعمل جي صلاحيت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ته جئين قدرتي آفتن، ٻوڏ، زلزلي ۽ داخلي لڏ پلاڻ جي صورتحال ۾ فوري ۽ موثر امداد فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته شفافيت ۽ احتساب جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ته جئين ڊونرز ۽ حصيدارن جو اعتماد مستحڪم ٿئي. گورنر هلال احمر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ پنهنجي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.











