ڳڙهي خيرو پوليس هڪ روپوش جوابدار ۽ منشيات فروش کي گرفتار ڪري ورتو

جيڪب آباد-22 فيبروري (اي پي پي) جيڪب آباد ۾ ايس ايڇ او ڳڙهي خيرو انسپيڪٽر فدا حسين شيخ ڳجهي اطلاع تي جاڙا واهه ويجهو ڪارروائي ڪندي پوليس مقابلي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار بخشل عرف بابي عرف احمد علي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جوابدار خلاف ڳڙهي خيرو ٿاڻي ۾ مختلف واقعن تحت ڪيس داخل ٿيل آهن، جڏهن ته پوليس هڪ ٻي ڪارروائي ۾ اسنيپ چيڪنگ دوران جوابدار اصغر علي …

جيڪب آباد-22 فيبروري (اي پي پي) جيڪب آباد ۾ ايس ايڇ او ڳڙهي خيرو انسپيڪٽر فدا حسين شيخ ڳجهي اطلاع تي جاڙا واهه ويجهو ڪارروائي ڪندي پوليس مقابلي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار بخشل عرف بابي عرف احمد علي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جوابدار خلاف ڳڙهي خيرو ٿاڻي ۾ مختلف واقعن تحت ڪيس داخل ٿيل آهن، جڏهن ته پوليس هڪ ٻي ڪارروائي ۾ اسنيپ چيڪنگ دوران جوابدار اصغر علي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 990 گرام آئيس هٿ ڪري ورتي آهي. ٻنهي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.