ڪولمبو-22 فيبروري (اي پي پي) عالمي ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ بورڊ ۽ ڪميٽين جا اجلاس 25 کان 27 مارچ 2026ع تائين قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ منعقد ٿيندا. انهن اجلاسن ۾ آءِ سي سي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز، چيف ايگزيڪٽوز، مختلف ڪميٽين جا ميمبر ۽ اعليٰ عهديدارا شرڪت ڪندا، جتي عالمي ڪرڪيٽ جي اهم معاملن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي غور …
آءِ سي سي بورڊ ۽ ڪميٽين جا اجلاس 25 کان 27 مارچ تائين قطر ۾ ٿيندا
ڪولمبو-22 فيبروري (اي پي پي) عالمي ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ بورڊ ۽ ڪميٽين جا اجلاس 25 کان 27 مارچ 2026ع تائين قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ منعقد ٿيندا. انهن اجلاسن ۾ آءِ سي سي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز، چيف ايگزيڪٽوز، مختلف ڪميٽين جا ميمبر ۽ اعليٰ عهديدارا شرڪت ڪندا، جتي عالمي ڪرڪيٽ جي اهم معاملن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو. دوحه ۾ اجلاس منعقد ڪرڻ جو فيصلو قطر ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ ۽ ملڪ جي مضبوط اسپورٽس ڍانچي کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. آءِ سي سي جي قطر ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن ۽ قطر اولمپڪ ڪميٽي سان ڀائيواري جي نتيجن ۾ ويجهن سالن ۾ راند کي نمايان ترقي حاصل ٿي آهي. 2020ع کانپوءِ قطر ۾ ڪرڪيٽ ۾ مجموعي شرڪت ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن جو وڏو سبب نوجوانن ۽ نون رانديگرن کي راند طرف راغب ڪرڻ جا قدم قرار ڏنو پيو وڃي. قطر اولمپڪ ڪميٽي جي اسڪول اولمپڪ پروگرام ۾ ڪرڪيٽ جي شموليت ان اڳڀرائي جو اهم سبب بڻي آهي، جنهن ذريعي سڄي ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ راند کي متعارف ڪرايو ويو. دوحه ۾ اجلاسن جو منعقد ٿيڻ عالمي ڪرڪيٽ برادري ۾ قطر جي وڌندڙ ڪردار کي اجاگر ڪندو ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو موقعو فراهم ڪندو.












