پاڪستان قومي ڪرڪيٽ ٽيم مارچ ۾ بنگلاديش جو دؤرو ڪندي

لاهور-20 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان قومي ڪرڪيٽ ٽيم مارچ ۾ بنگلاديش جو دؤرو ڪندي جتي اها 3 ڏينهن واري عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ گذريل ڏينهن ان سيريز جي تصديق ڪئي آهي. قومي ٽيم 9 مارچ تي ڍاڪا پهچندي ۽ 10 مارچ کان تربيتي سيشن ڪندي. پهريون ون ڊي 11 مارچ اربع ڏينهن شير بنگلا نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. ٻيو ون ڊي 13 مارچ …

لاهور-20 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان قومي ڪرڪيٽ ٽيم مارچ ۾ بنگلاديش جو دؤرو ڪندي جتي اها 3 ڏينهن واري عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ گذريل ڏينهن ان سيريز جي تصديق ڪئي آهي. قومي ٽيم 9 مارچ تي ڍاڪا پهچندي ۽ 10 مارچ کان تربيتي سيشن ڪندي. پهريون ون ڊي 11 مارچ اربع ڏينهن شير بنگلا نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. ٻيو ون ڊي 13 مارچ ۽ ٽيون ۽ آخري ميچ 15 مارچ تي ساڳئي اسٽيڊيم ۾ کيڏيا ويندا. پاڪستان جو جولاءِ 2025ع کانپوءِ بنگلاديش جو هي ٻيو دؤرو هوندو. ان کان اڳ پاڪستان جولاءِ 2025ع ۾ 3 ٽي – 20 ميچن جي سيريز لاءِ بنگلاديش جو دؤرو ڪيو جنهن ۾ ميزبان ٽيم 1-2 تان ڪاميابي حاصل ڪئي. بنگلاديش گذريل سال مئي ۽ جون ۾ پاڪستان جو دؤرو ڪيو هو جتي سلمان علي آغا جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان 3 ٽي – 20 ميچن جي سيريز 0-3 تان کٽي هئي.

مزید خبریں