ٿر جي ڪوئلي مان ڀاڻ جي پيداوار واري رٿا نه رڳو سنڌ پر سڄي ملڪ لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي، اھا رٿا امپورٽ واري ڀاڻ تي ڀاڙڻ گهٽائيندي، روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، ايڪسپورٽ وڌائيندي ۽ مقامي ڪوئلي جي وسيلن جي قدر ۾ اضافو ڪندي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-20 فيبروري(اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر جي ڪوئلي مان ڀاڻ جي پيداوار واري رٿا کي پاڪستان جي غذائي سلامتي، صنعتي ترقي ۽ معاشي استحڪام لاءِ انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته ٿر جي ڪوئلي مان ڀاڻ جي پيداوار رٿا نه رڳو سنڌ پر سڄي ملڪ لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي. اھا رٿا امپورٽ واري ڀاڻ تي ڀاڙڻ گهٽائيندي، روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، ايڪسپورٽ وڌائيندي ۽ مقامي …

ڪراچي-20 فيبروري(اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر جي ڪوئلي مان ڀاڻ جي پيداوار واري رٿا کي پاڪستان جي غذائي سلامتي، صنعتي ترقي ۽ معاشي استحڪام لاءِ انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته ٿر جي ڪوئلي مان ڀاڻ جي پيداوار رٿا نه رڳو سنڌ پر سڄي ملڪ لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي. اھا رٿا امپورٽ واري ڀاڻ تي ڀاڙڻ گهٽائيندي، روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، ايڪسپورٽ وڌائيندي ۽ مقامي ڪوئلي جي وسيلن جي قدر ۾ اضافو ٿيندو. اهِڙو اظهار هن وزير اعليٰ هائوس ۾ اهم اجلاس ۾ پاڪستان جي فليگ شپ ڪول ٽو فرٽيلائزر رٿا سان ٿر جي ڪوئلي تي ٻڌل يوريا پروجيڪٽ جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ ۽ ان جي اسٽرٽيجڪ روڊ ميپ کي حتمي شڪل ڏيندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته هيءَ رٿا فعال ٿيڻ بعد سي ٽو ايف پروجيڪٽ پاڪستان جي ڀاڻ سپلائي چين کي مضبوط ڪرڻ، هارين جي مدد ڪرڻ، وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي سرپرستي ۾ ٿر جي ڪوئلي جي صاف ۽ ويليو ايڊڊ صنعتي استعمال کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته هيءَ رٿا امپورٽ واري ڀاڻ تي ڀاڙڻ گهٽائيندي، روزگار جا موقعا پيدا ڪندي، ايڪسپورٽ وڌائيندي ۽ ملڪ جي مقامي ڪوئلي جي وسيلن جي قدر ۾ اضافو ڪندي.ان موقعي تي ايف ايف سي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جهانگير پراچا جي اڳواڻي ۾ آيل وفد وڏي وزير کي 1.12 ارب ڊالرن جي ماليت واري هن رٿا جي فني، مالي ۽ ماحولياتي رخن بابت بريفنگ ڏني، هن رٿا جو مقصد ٿر جي مقامي ڪوئلي جي ذخيرن کي استعمال ۾ آڻي پاڪستان جي ڀاڻ ۾ پاڻ ڀرو ٿيڻ کي مضبوط ڪرڻ ۽ امپورٽ واري ڀاڙڻ گهٽائڻ آهي. ايف ايف سي ٽيم وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته رٿا نومبر 2025ع ۾ بينڪ ايبل فيزيبلٽي اسٽڊي جي مڪمل ٿيڻ سان اهم سنگ ميل حاصل ڪري چڪي آهي جيڪا عالمي شهرت ماڻيل صلاحڪارن تيار ڪئي.ايف ايف سي هن رٿا کي ”گيم چينجر“ قرار ڏيندي ٻڌايو ته سي ٽو ايف رٿا ساليانو 7 لک 17 هزار ٽن يوريا تيار ڪندو، جنهن جي پيداوار ملڪي استعمال ۽ ايڪسپورٽ ۾ برابر ورهائي ويندي. ساليانو يوريا ايڪسپورٽ مان 26 ڪروڙ ڊالرن تائين آمدني جي اميد آهي. رٿا سان 3,500 کان وڌيڪ سڌا ۽ لڳ ڀڳ 7,000 اڻ سڌا روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، جڏهن ته ساليانو تقريبن 21 لک ٽن ڪوئلي جي کوٽائي ذريعي سنڌ حڪومت کي لڳ ڀڳ 55 لک ڊالرز ساليانو رائلٽي حاصل ٿيندي. هي مربوط پلانٽ ٿر جي ڪوئلي کي گيسيفڪيشن ذريعي سينٿيسز گيس ۾ تبديل ڪندو، جنهن کان پوءِ ڊي سلفرائيزيشن ۽ شفٽ ڪنورزن جي عمل سان امونيا ۽ يوريا جي تياري لاءِ هائيڊروجن حاصل ڪئي ويندي. فيز ون ۾ بلڪ ۽ يوريا جي پيداوار، ساليانو 10.4 هزار ٽن سلفر، ۽ ساليانو 7 لک 17 هزار ٽن اضافي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي پيداوار شامل آهي، جنهن کي صنعتي استعمال ۾ آندو ويندو۔ فيز ٽو ۾ يوريا جي پيداواري صلاحيت ۾ واڌ ۽ گرين امونيا جي شروعات شامل آهي جيڪا عالمي پائيداري معيارن مطابق پائلٽ سطح تي تيار ڪئي ويندي. ايف ايف سي موجب ماحولياتي تحفظ لاءِ 5 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ رقم مختص ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اين او ايڪس ۽ ايس او ايڪس ڪنٽرول سسٽم، پي ايم 2.5 ذرڙن جو ڪنٽرول، ريورس اوسموسس ذريعي زيرو ليڪوئڊ ڊسچارج، سيوريج ٽريٽمينٽ، برساتي پاڻي جو ذخيرو ۽ ويسٽ ٽو ويليو حڪمت عملي تحت صنعتي معيار جو جپسم، سلفر، سليگ ۽ فلائي ايش جي تياري شامل آهي. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته رٿا جي عملداري يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران اهم شعبن ۾ سهڪار جاري رھندو، جنهن ۾ مکي فراش مان 12 ڪيوسڪ پاڻي جي فراهمي، پلانٽ سائيٽ ۽ اسلام ڪوٽ ۾ ملازمن لاءِ رهائشي ڪالوني جي زمين جي الاٽمينٽ شامل آهي. اجلاس ۾ پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري توانائي شهاب انصاري، مينيجنگ ڊائريڪٽر ٿر ڪول طارق شاهه ۽ ٻين اعليٰ عملدار شرڪت ڪئي. ايف ايف سي جي ٽيم ۾ چيف ٽيڪنيڪل آفيسر سيد عامر عباس، هيڊ آف گورنمينٽ اينڊ پبلڪ ريليشنز شهباز اي خان ۽ سعد لوڌي شامل هئا.