ڪراچي-20 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سماجي انصاف جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ انصاف، برابري ۽ انساني وقار کي زور وٺائڻ جي عزم کي ورجايو آھي. ھن چيو ته سماجي انصاف ھڪ مضبوط ،مستحڪم ۽ خوشحال معاشري جو بنياد آھي ۽ حڪومت ڪمزور ۽ پـٺتي پيل طبقن جي ڀلائي ۽ کين بااختيار بنائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رھي آھي. گورنر سنڌ ان …
سماجي انصاف ھڪ مضبوط ،مستحڪم ۽ خوشحال معاشري جو بنياد آھي، حڪومت ڪمزور ۽ پـٺتي پيل طبقن جي ڀلائي ۽ کين بااختيار بنائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رھي آھي: سنڌ جو گورنر

مزید خبریں
ڪراچي-20 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سماجي انصاف جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ انصاف، برابري ۽ انساني وقار کي زور وٺائڻ جي عزم کي ورجايو آھي. ھن چيو ته سماجي انصاف ھڪ مضبوط ،مستحڪم ۽ خوشحال معاشري جو بنياد آھي ۽ حڪومت ڪمزور ۽ پـٺتي پيل طبقن جي ڀلائي ۽ کين بااختيار بنائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رھي آھي. گورنر سنڌ ان ڳالھ تي زور ڀريو ته تعليم،صحت ،ھنرمندي ۽ روزگار جي موقعن جي فراھمي ئي حقيقي سماجي انصاف کي ممڪن بڻائي ٿي. ھن چيو ته گورنر انيشيٽو تحت اي آءِ ۽ آءِ ٽي ڪورسز نوجوانن کي بااختيار بڻائي رھيا آھن، جيڪي مستقبل ۾ ملڪ جي ترقي جا ضامن ھوندا. ڪامران خان ٽيسوري وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو ويزن گڏيل قومن جي منصفاڻي، جامع ۽ پرامن معاشرن جي ھدفن سان ھم آھنگ آھي. ھن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته والاريل ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين جي عوام کي سندن بنيادي حق ڏيارڻ لاءِ اثرئتو ڪردار ادا ڪري.











