انڊس هاءِ وي تي نصير آباد ويجهو روڊ حادثو، عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ داخل

لاڙڪاڻو-20 فيبروري (اي پي پي)انڊس هاءِ وي تي نصير آباد ويجهو روڊ حادثي ۾ عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن کي لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. تفصيل مطابق جيڪب آباد کان حيدرآباد ويندڙ بولان ڪيري نصيرآباد ڀرسان حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا محمد صالح بروهي، اميران بروهي، ماهنور بروهي، ثمرين، عثمان ۽ بلاول بروهي زخمي ٿي پيا آهن، …

لاڙڪاڻو-20 فيبروري (اي پي پي)انڊس هاءِ وي تي نصير آباد ويجهو روڊ حادثي ۾ عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن کي لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. تفصيل مطابق جيڪب آباد کان حيدرآباد ويندڙ بولان ڪيري نصيرآباد ڀرسان حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا محمد صالح بروهي، اميران بروهي، ماهنور بروهي، ثمرين، عثمان ۽ بلاول بروهي زخمي ٿي پيا آهن، زخمين کي ٽراما سينٽر پهچايو ويو، جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. رپورٽ موجب محمد صالح بروهي پنهنجي گهرڀاتين سان بولان ڪيري تي جيڪب آباد کان حيدرآباد طرف وڃي رهيو هو ته نصيرآباد ڀرسان تيز رفتاري سبب گاڏي ڪلٽي کائي ڪري پئي، جنهن سبب محمد صالح بروهي سندس گهرواري اميران بروهي، نياڻيون ماهنور، ثمرين، پٽ عثمان ۽ ڀاءُ بلاول بروهي زخمي ٿي پيا، حادثي واري وقت چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي جو فنانس ڊائريڪٽر ڪاظم علي ڀٽو پنهنجي عملي سان گڏ لاڙڪاڻي کان ڪراچي وڃي رهيو هو، جنهن حادثي واري جاءِ تان زخمين کي فوري طور کڻي ٽراما سينٽر لاڙڪاڻو پهچايو ۽ زخمين جي علاج جو ترت بندوبست ڪرايو. هوڏانهن حادثي جو شڪار ڪٽب جي وارثن کي پڻ اطلاع ڏنو ويو آهي، جڏهن ته حادثي ۾ گاڏي مڪمل طور تي تباھ ٿي وئي آهي، جيڪا حادثي واري هنڌ پيل آهي. ٽراما سينٽر جي ڊاڪٽرن موجب اميران ۽ عثمان جي حالت ڳڻتي واري ٻڌائي پئي وڃي.