سنڌ جي وڏي وزير صوبي ۾ معذور ماڻھن لاءِ روزگار جا موقعا ۽ اداراتي سهڪار وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ اسپيشل ايمپلائيمينٽ ايڪسچينج جاب پورٽل ۽ شڪايتن جي ازالي واري نظام جي تياري جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي-19 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سڄي صوبي ۾ معذور ماڻھن لاءِ روزگار جا موقعا ۽ اداراتي سهڪار وڌيڪ مؤثر بڻائڻ جي مقصد سان اسپيشل ايمپلائيمينٽ ايڪسچينج جاب پورٽل ۽ شڪايتن جي ازالي واري نظام جي تياري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهو فيصلو وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس دوران ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته ٽيڪنالاجي ۽ اداراتي سهڪار ذريعي معذور …

ڪراچي-19 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سڄي صوبي ۾ معذور ماڻھن لاءِ روزگار جا موقعا ۽ اداراتي سهڪار وڌيڪ مؤثر بڻائڻ جي مقصد سان اسپيشل ايمپلائيمينٽ ايڪسچينج جاب پورٽل ۽ شڪايتن جي ازالي واري نظام جي تياري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهو فيصلو وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس دوران ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته ٽيڪنالاجي ۽ اداراتي سهڪار ذريعي معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ”سنڌ ايمپلائيمنٽ آف پرسنز وٿ ڊسئيبلٽيز ايڪٽ 2018“ جو بنيادي ٿنڀ آهي.وڏي وزير چيو ته سنڌ ايمپاورمينٽ آف پرسنز وٿ ڊس ايبلٽيز ايڪٽ 2018 معذور ماڻهن جي حقن ۽ وقار جي تحفظ ۽ کين سماج ۾ مڪمل شموليت ڏيڻ لاءِ هڪ جامع قانوني فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو. هن قانون تحت سنڌ حڪومت تعليم، روزگار، صحت ۽ عوامي زندگي ۾ خاص ماڻهن کي قانوني تحفظ ۽ برابر جا موقعا ڏيڻ جي پابند آهي، ته جيئن هو قومي ڌارا ۾ باوقار ۽ خودمختيار انداز سان حصو وٺي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته قانون تحت سڄي صوبي ۾ خاص ادارن ۽ معاون نظامن جي قيام جي گهرج آهي، جنهن ۾ خاص ماڻهن جو مرڪزي ڊيٽابيس قائم ڪرڻ ۽ سرڪاري معذوري سرٽيفڪيٽن ۽ ڪارڊن جو جاري ڪرڻ شامل آهي. اهم شقن ۾ هر سرڪاري اداري ۾ معذور ماڻهن لاءِ 5 سيڪڙو نوڪرين جي ڪوٽا تي عمل، جامع تعليمي پاليسين تي عملدرآمد، سڄي صوبي ۾ آگاهي مهم ۽ ساليانو اڳڀرائي رپورٽن جي تياري شامل آهن، ته جيئن قانون تي عملدرآمد ۽ ان جي اثرن جي نگراني ٿي سگهي. وڏي وزير چيو ته هي قانون حقن تي ٻڌل حڪمراني ۽ جامع ترقي لاءِ سنڌ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو، جنهن ۾ معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ صوبائي سماجي پاليسي جو مرڪزي جز آهي. تفصيلي غور ويچار کان پوءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر آءِ بي اي سان سهڪار جي منظوري ڏني ته جيئن ھڪ خاص جاب پورٽل تيار ڪيو وڃي. هن نظام ۾ اي آءِ تي ٻڌل جاب ميچنگ ۽ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ سهولت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن سنڌ جي هر خاص ماڻهو لاءِ بنا فرق ۽ آساني سان شموليت ممڪن بڻائي سگهجي.وڏي وزير چيو تھ اسان جو مقصد آهي ته خاص ماڻهو فيصلا سازي ۽ سماجي ترقي ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪن، ۽ هر فرد جي منفرد صلاحيت کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته هي پورٽل سنڌ حڪومت ۽ خاص ماڻهن کي سڌي ريت ڳنڍيندو، جنهن سان شفافيت ۽ ڪارڪردگي ۾ واڌارو ٿيندو. پيپلز پارٽي حڪومت هن پليٽ فارم ذريعي ٻنهي کي ڳنڍي ڇڏيو آهي ته جيئن سمورن صوبائي کاتن ۾ ميرٽ تي ٻڌل ڀرتي يقيني بڻائي سگهجي. وڏي وزير هدايتون جاري ڪيون ته شڪايتن جي داخلا ۽ ازالي لاءِ پڻ نئون ڊجيٽل نظام جوڙيو وڃي، ته جيئن خاص ماڻهن جي حقن جو تحفظ ۽ سندن مسئلن جو بروقت حل ممڪن بڻائي سگهجي. هن رٿا تي مقرر ٽائم لائن تحت عمل ڪيو ويندو. نظام جو شروعاتي نمونو فيبروري 2026ع تائين تيار ٿيڻ جي اميد آهي، جڏهن ته مڪمل جاب پورٽل ۽ شڪايتن جي ازالي جا ماڊيول ترتيبوار مئي ۽ جولاءِ 2026ع تائين فعال ٿي ويندا.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قمبر ۾ قائم گورنمينٽ اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريهيبيليٽيشن سينٽر جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. نئين تعمير ٿيل عمارت 6,000 چورس فٽن تي مشتمل آهي ۽ ٻن مجزلن تي 10 خصوصي ڪمرن تي ٻڌل آهي.ماري ايڊيليڊ ليپروسي سينٽر جي تجويز ۽ ڊي اي پي ڊي لاڙڪاڻو جي ريجنل ڊائريڪٽر جي توثيق کان پوءِ هن مرڪز کي نشونمائي بيمارين ۾ مبتلا ٻارن لاءِ خصوصي بحالي مرڪز طور استعمال ڪيو ويندو، خاص طور تي نيورو ڊائيورجنس تي ڌيان ڏنو ويندو. ماري ايڊيليڊ ليپروسي سينٽر سان شراڪتداري جو حوالو ڏيندي وڏي وزير چيو تھ هي مرڪز انهن ٻارن لاءِ اميد ۽ گڏيل وابستگي جي علامت آهي، جيڪي جسماني ۽ اعصابي نشونما سان لاڳاپيل چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن.