ڏهين آئي سي سي مينز ٽي – 20 ورلڊ ڪپ جي آخري گروپ ميچ اڄ کيڏي ويندي

ڪولمبو -19 فيبروري(اي پي پي)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ آئي سي سي مينز ٽي - ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي آخري گروپ ميچ اڄ کيڏي ويندي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڏهين آئي سي سي ٽي - ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ سريلنڪا ۽ ڀارت ۾ جاري آهي، جنهن ۾ مداحن  کي انتهائي دلچسپ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن، محدود اوورز جي فارميٽ جو ميگا ايونٽ پنهنجي پڄاڻي واري مرحلي طرف وڌي رهيو …

ڪولمبو -19 فيبروري(اي پي پي)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ آئي سي سي مينز ٽي – ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي آخري گروپ ميچ اڄ کيڏي ويندي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڏهين آئي سي سي ٽي – ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ سريلنڪا ۽ ڀارت ۾ جاري آهي، جنهن ۾ مداحن  کي انتهائي دلچسپ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن، محدود اوورز جي فارميٽ جو ميگا ايونٽ پنهنجي پڄاڻي واري مرحلي طرف وڌي رهيو آهي. ٽي – ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 40 هين ۽ آخري ليگ ميچ اڄ آسٽريليا ۽ اومان جي ٽيمن وچ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم پالي ڪيلي ۾ کيڏي ويندي. ميگا ايونٽ ۾ 20 ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيون آهن. ميزبان ڀارت جي ٽيم دفاعي چيمپئين آهي. ميگا ايونٽ ۾ فائنل سميت 55 ميچون کيڏيون وينديون، ميگا ايونٽ جو سپر ايٽ رائونڊ 21 فيبروري کان شروع ٿيندو. پهريون سيمي فائنل 4 مارچ ۽ ٻيو سيمي فائنل 5 مارچ تي جڏهن ته ٽورنامينٽ جو فائنل 8 مارچ تي کيڏيو ويندو .