ونٽر اولمپڪس 2026ع ۾ ميڪائيلا شيفرين 8 سالن کان پوءِ سونو تمغو کٽي ورتو

ميلان -19 فيبروري (اي پي پي)آمريڪا جي عالمي شهرت يافته سڪيئر ميڪائيلا شيفرين ميلان ڪورٽينا اولمپڪس ۾ شاندار واپسي ڪندي ايونٽ ۾ سون جو تمغو کٽي ورتو. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو ميڪائيلا شيفرين جي ڪيريئر جو ٽيون اولمپڪ گولڊ ميڊل آهي، جنهن لاءِ کيس 2018ع جي پيونه چانگ گيمز کانپوءِ 8 سالن تائين انتظار ڪرڻو پيو. ان جي اها جذباتي ڪاميابي آمريڪي ٽيم لاءِ وڏي راحت ثابت ٿي آهي . …

ميلان -19 فيبروري (اي پي پي)آمريڪا جي عالمي شهرت يافته سڪيئر ميڪائيلا شيفرين ميلان ڪورٽينا اولمپڪس ۾ شاندار واپسي ڪندي ايونٽ ۾ سون جو تمغو کٽي ورتو. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو ميڪائيلا شيفرين جي ڪيريئر جو ٽيون اولمپڪ گولڊ ميڊل آهي، جنهن لاءِ کيس 2018ع جي پيونه چانگ گيمز کانپوءِ 8 سالن تائين انتظار ڪرڻو پيو. ان جي اها جذباتي ڪاميابي آمريڪي ٽيم لاءِ وڏي راحت ثابت ٿي آهي . هن پنهنجي ويجهي مخالف ۽ سوئٽزرلينڊ جي عالمي چيمپئين ڪيملي راسٽ کي 1.5 سيڪنڊ جي واضح فرق سان پوئتي ڪيو جڏهن ته سوئيڊن جي اينا سوين لارسن ٽامي جو تمغو کٽي پنهنجي ڪيريئر جو پهريون اولمپڪ ميڊل حاصل ڪيو.