حيدرآباد-18 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ايم ڪيو ايم زونل آفيس حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آئون بنا ڪنهن فرق عوام جي حقن جي ڳالهه ڪندو رهندس ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي مسئلن جو حل ڪڍڻو پوندو ۽ حيدرآباد جيڪو سنڌ جو ٻيو وڏو شهر آهي هتي بنا ڪنهن فرق جي ترجيحي بنيادن تي بجلي، …
سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جو حيدرآباد جو دورو

مزید خبریں
حيدرآباد-18 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ايم ڪيو ايم زونل آفيس حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آئون بنا ڪنهن فرق عوام جي حقن جي ڳالهه ڪندو رهندس ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي مسئلن جو حل ڪڍڻو پوندو ۽ حيدرآباد جيڪو سنڌ جو ٻيو وڏو شهر آهي هتي بنا ڪنهن فرق جي ترجيحي بنيادن تي بجلي، گئس، پاڻي، تعليم، آءِ ٽي شعبي ۽ ٻيا عوامي مسئلا حل ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ترقياتي منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، اسان وفاق کان حيدرآباد جي ترقياتي ڪمن لاءِ فنڊز طلب ڪيا هئا ۽ وفاق حيدرآباد جي روڊن جي تعمير لاءِ فنڊن جي منظوري ڏني آهي. هن چيو ته سڀ کان پهرين ملڪ، پوءِ صوبا ۽ پنهنجن شهرن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ جيڪي به معاشي بحران آهن انهن مان اسان سڀ گڏجي ئي ان کي ڇوٽڪارو ڏياري سگهون ٿا. ڀارت کي شڪست ڏيڻ سولو نه آهي پر پاڪستان ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏني، جڏهن ته اسان وسيلن ۾ پاڻ کان وڌيڪ طاقتور ملڪ سان جنگ ۾ فتح حاصل ڪئي. هن چيو ته سنڌ جي گورنر جا دروازا عوام لاءِ 24 ڪلاڪ کليل آهن. گورنر چيو ته رمضان المبارڪ جو بابرڪت مهينو شروع ٿي چڪو آهي، ان مهيني ۾ مستحقن لاءِ راشن سميت ٻين ضروري شين جي فراهمي سميت سحري ۽ افطار جو پڻ گورنر هائوس ۾ بندوبست ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي فاروق ستار، امين الحق، صابر قائم خاني ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.











