ڪولمبو- 18 فيبروري (اي پ پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيل آءِ سي سي مينز ٽي - 20 ورلڊ ڪپ ۾ اڄ وڌيڪ ٽي ميچون کيڏيون وينديون. تفصيل موجب، پهرين ميچ گروپ سي جي ٽيمن ويسٽ انڊيز ۽ اٽلي وچ ۾ ايڊن گارڊنز، ڪلڪته ۾ کيڏي ويندي. ٻي ميچ ۾ گروپ بي جون ٽيمون ميزبان سريلنڪا ۽ زمبابوي آمهون سامهون ٿينديون . اها ورلڊ ڪپ جي 38 هين ميچ …
ڏهين آءِ سي سي مينز ٽي – 20 ورلڊ ڪپ ۾ اڄ وڌيڪ ٽن ميچن جو فيصلو ٿيندو

مزید خبریں
ڪولمبو- 18 فيبروري (اي پ پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيل آءِ سي سي مينز ٽي – 20 ورلڊ ڪپ ۾ اڄ وڌيڪ ٽي ميچون کيڏيون وينديون. تفصيل موجب، پهرين ميچ گروپ سي جي ٽيمن ويسٽ انڊيز ۽ اٽلي وچ ۾ ايڊن گارڊنز، ڪلڪته ۾ کيڏي ويندي. ٻي ميچ ۾ گروپ بي جون ٽيمون ميزبان سريلنڪا ۽ زمبابوي آمهون سامهون ٿينديون . اها ورلڊ ڪپ جي 38 هين ميچ هوندي، جيڪا ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. ٽورنامينٽ جي ٽيئن ۽ آخري ميچ اڄ گروپ ڊي جي ٽيمن ڪينيڊا ۽ افغانستان جي وچ ۾ ايم اي چدمبرم اسٽيڊيم، چنائي ۾ کيڏي ويندي. محدود اوور جي فارميٽ جي ڏهين ميگا ايونٽ جا دلچسپ مقابلا ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ جاري آهن، جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي دلچسپ مچون ڏسڻ لاءِ ملي رهيون آهن. ميگا ايونٽ ۾ 20 ٽيمون ٽائيٽل کٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. ميزبان ٽيم ڀارت دفاعي چيمپيئن آهي. ميگا ايونٽ ۾ فائنل سميت 55 ميچون کيڏيون وينديون. ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ 8 مارچ تي کيڏيو ويندو.











