لاڙڪاڻو پوليس مبينا  مقابلي ۾ 2 ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ

لاڙڪاڻو -18 فيبروري(اي پي پي)لاڙڪاڻو پوليس مبينا  مقابلي ۾ 2 ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا آهن. وليد ٿاڻي جي حد ۾ امير شاهه واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ 02 ڏوهارين کي  زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري  ٻه عدد پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڏوهارين جي سڃاڻپ …

لاڙڪاڻو -18 فيبروري(اي پي پي)لاڙڪاڻو پوليس مبينا  مقابلي ۾ 2 ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا آهن. وليد ٿاڻي جي حد ۾ امير شاهه واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ 02 ڏوهارين کي  زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري  ٻه عدد پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڏوهارين جي سڃاڻپ علي رضا چانڊيو ۽ عامر مغيري جي نالن سان ٿي آهي، ٻئي زخمي ڏوهاري تازو ٿيل وارداتن جي سنگين نوعيت جي ڏوھن ۾ ملوث آهن، پوليس مقابلي دوران فرار ٿي ويل  ٻين ڏوهارين جي ڳولا پڻ جاري آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو  احمد چوڌري ڏوھارين سان بهادري سان مقابلو ڪرڻ تي لاڳاپيل پوليس ٽيم لاءِ تعريفي سندون جاري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.