ڪراچي-16 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا (ايس زيڊ اي بي يو ايل) جي ٻئي ڪانووڪيشن ۾ خاص مهمان جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي چيو ته اسان کي اهڙي نظام جي ضرورت آهي جيڪو قانون تي عمل کي يقيني بڻائي. هن چيو ته قانون جي ڪمزور حڪمراني سبب عدالتي نظام گهربل رفتار حاصل نه ڪري سگهيو ۽ اها ئي ڪمزوري …
سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا جي ٻئي ڪانووڪيشن ۾ خاص مهمان جي حيثيت ۾ خطاب

مزید خبریں
ڪراچي-16 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا (ايس زيڊ اي بي يو ايل) جي ٻئي ڪانووڪيشن ۾ خاص مهمان جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي چيو ته اسان کي اهڙي نظام جي ضرورت آهي جيڪو قانون تي عمل کي يقيني بڻائي. هن چيو ته قانون جي ڪمزور حڪمراني سبب عدالتي نظام گهربل رفتار حاصل نه ڪري سگهيو ۽ اها ئي ڪمزوري معاشرتي مسئلن جي اصل پاڙ آهي. هن چيو ته ڪوڙ ۽ بي ايماني معاشري ۾ گهر ڪري چڪا آهن ۽ ناجائز دولت کي به خراب نه ٿو سمجهيو وڃي. گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري زور ڀريو ته جيڪڏهن پاڪستان کي ترقي ۽ معاشي استحڪام جي دڳ تي هلائڻو آهي ته بي ايماني جو خاتمو اڻٽر آهي. عورتن جي تعليم جي حوالي سان گورنر سنڌ چيو ته هر ڪانووڪيشن ۾ شاگردياڻين جو تعداد نمايان هوندو آهي، پر عملي زندگي ۾ انهن جي نمائندگي گهٽ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. هن مائرن کي اپيل ڪئي ته گولڊ ميڊلسٽ ڌيئرن کي عملي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته جنهن ڏينهن عورتون ڀرپور انداز ۾ قومي ڌارا ۾ شامل ٿي وينديون ، ڪرپشن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. هن چيو ته سوشل ميڊيا اسان کي هر شعبي ۾ چمڪ ڏيکاري ڇڏي آهي، پر اسان کي سڀ کان پهرين هڪ سٺو پاڪستاني بڻجڻ جي ضرورت آهي. گورنر سنڌ 10 مئي تي دفاعي ادارن پاران دشمن کي ڏنل منهن ٽوڙ جواب جو حوالو ڏيندي چيو ته قوم جو ڪنڌ فخر سان بلند ٿيو آهي. تقريب جي پڄاڻي تي گورنر سنڌ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن ۾ ميڊلز ۽ سندون ورهايون.











