ڪراچي -16 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان رينجرز (سنڌ) ۽ سي ٽي ڊي پوليس ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي گڏيل ڪارروائي دوران ڪراچي جي علائقي چڪرا ڳوٺ ڪورنگي مان فتنه الهندستان جي 3 انتهائي گهربل سهولتڪار دهشتگردن ياسر عرفات، خدابخش ۽ زاهد حسين عرف بارڪزئي کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 5 ڪلو بارودي مواد، 10 ميٽر پرائما ڪارڊ، 3 عدد ڊيٽونيٽر، هڪ ڪلو بال بيرنگ، انتهاپسندي تي ٻڌل لٽريچر …
ڪراچي ۾ رينجرز ۽ سي ٽي ڊي پوليس جي گڏيل ڪارروائي، 3 سهولتڪار دهشتگرد گرفتار

مزید خبریں
ڪراچي -16 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان رينجرز (سنڌ) ۽ سي ٽي ڊي پوليس ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي گڏيل ڪارروائي دوران ڪراچي جي علائقي چڪرا ڳوٺ ڪورنگي مان فتنه الهندستان جي 3 انتهائي گهربل سهولتڪار دهشتگردن ياسر عرفات، خدابخش ۽ زاهد حسين عرف بارڪزئي کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 5 ڪلو بارودي مواد، 10 ميٽر پرائما ڪارڊ، 3 عدد ڊيٽونيٽر، هڪ ڪلو بال بيرنگ، انتهاپسندي تي ٻڌل لٽريچر جي 250 عدد باڪس ۽ ليپ ٽاپ هٿ ڪيا ويا. گذريل ڏينهن رينجرز سنڌ جي ترجمان موجب جوابدار مختلف ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز جي شاگردن جي ڪالعدم تنظيم ۾ شموليت لاءِ ذهن سازي ڪرڻ ۽ انتهاپسندي تي ٻڌل لٽريچر جي فراهمي ۾ ملوث هئا. جوابدرن کي ڌماڪي دار مواد سميت قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو. رينجرز عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ڏوهن جي روڪٿام لاءِ اهڙن عنصرن بابت فوري اطلاع ويجهي چيڪ پوسٽ، رينجرز هيلپ لائين 1101 يا رينجرز مددگار واٽس ايپ نمبر 03479001111 تي ڪال يا ايس ايم ايس ذريعي ڏئي سگهجي ٿو. اطلاع ڏيڻ واري جو نالو ڳجهو رکيو ويندو.











