نوشهروفيروز ۾ قومي شاهراه تي نانگو شاهه اسٽاپ ويجهو حادثو، 6 ماڻهو فوت

نوشهروفيروز -16 فيبروري (اي پي پي) نوشهرو فيروز ۾ قومي شاهراه تي نانگو شاهه اسٽاپ ويجهو خوفناڪ ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 6 ماڻهو موقعي تي فوت ٿي ويا. فوت ٿي ويل ماڻهن جا لاش مورو اسپتال منتقل ڪيا ويا. تفصيل مطابق قومي شاهراه تي نانگو اسٽاپ ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار سمورا 6 …

نوشهروفيروز -16 فيبروري (اي پي پي) نوشهرو فيروز ۾ قومي شاهراه تي نانگو شاهه اسٽاپ ويجهو خوفناڪ ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 6 ماڻهو موقعي تي فوت ٿي ويا. فوت ٿي ويل ماڻهن جا لاش مورو اسپتال منتقل ڪيا ويا. تفصيل مطابق قومي شاهراه تي نانگو اسٽاپ ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار سمورا 6 ئي ڄڻا  فوت ٿي ويا. پوليس موجب حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن ڪار لاڙڪاڻي کان ڪراچي وڃي رهي ته سامهون ايندڙ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي. فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ نديم، غلام سولنگي، عبدالحڪيم، حاجي خان، بخشل، سهراب ۽ منظور جي نالن سان ٿي آهي. سمورن فوتين جو تعلق سولنگي برادري سان ٻڌايو پيو وڃي. ۽ هو نصير آباد جا رهواسي هئا. اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسيڪيو ٽيمون فوري طور تي موقعي تي پهچي ويون. لاشن کي ايڌي ايمبولينس ذريعي مورو اسپتال ۽ بعد ۾ نوشهرو فيروز اسپتال منتقل ڪيو  ويو. ضروري قانون ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته قومي شاهراه تي گذريل ڏيڍل سال کان جاري مرمتي ڪم سبب روڊ جي حالت خراب آهي، ۽ حادثا روزانو جو معمول بڻجي ويا آهن. ٻه ڏينهن اڳ  به ڪوٽڙي ڪبير جا 3 ڀائر ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويا هئا جڏهن ته هلندڙ مهيني دوران مختلف حادثن م فوت ٿي ويلن ڪل انگ اٽڪل 25 ٿي ويو آهي.