پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي سريلنڪا جي راندين واري وزير سان ملاقات

ڪولمبو -16 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي  سريلنڪا جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن بابت وزير سنيل ڪمارا ڪيميج سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص  طور راندين، خاص ڪري ڪرڪيٽ  کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان تعاون وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ڪرڪيٽ سميت ٻين راندين ۾ ڀائيواري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو …

ڪولمبو -16 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي  سريلنڪا جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن بابت وزير سنيل ڪمارا ڪيميج سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص  طور راندين، خاص ڪري ڪرڪيٽ  کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان تعاون وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ڪرڪيٽ سميت ٻين راندين ۾ ڀائيواري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته راندين جي ميدان ۾ ويجهي سهڪار سانه نه رڳو رانديگرن کي بهتر موقعا ميسر ٿيندا پر ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. محسن نقوي  چيو ته  پاڪستان ۽ سريلنڪا جي لاڳاپن ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ ڪرڪيٽ ۽ ٻين راندين ذريعي گڏيل رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو پيو وڃي. هن ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي موقعي تي شاندار انتظامن جي تعريف ڪندي سريلنڪا جي عملدارن جي ڪوششن جي  واکاڻ ڪئي. محسن نقوي چيو ته کيس سريلنڪا ۾ بي پناهه محبت ملي ۽ شاندار مهمان نوازي تي سريلنڪا جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورائتو آهيان. ان موقعي تي محسن نقوي سريلنڪا جي راندين واري وزير کي پاڪستان جي دوري جي باقاعده دعوت به ڏني. ملاقات ۾ سريلنڪا  ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) فهيم العزيز،پي سي بي چيئرمين جو  ايڊوائيزر عامر مير، پي سي بي جو چيف آپريٽنگ آفيسر  سمير احمد ۽ پي ايس ايل جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلمان نصير به موجود هئا.

مزید خبریں