ڪراچي-13 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري بنگلاديش ۾ عام چونڊن جي ڪامياب نموني منعقد ٿيڻ ۽ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي فتح تي پارٽي سربراهه طارق رحمان کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ هن بنگلاديش جي عوام کي چونڊن جي ڪامياب نموني منعقد ٿيڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته جمهوري عمل ۾ ڪروڙين ووٽرن جي مڪمل شرڪت عوام جي …
سنڌ جي گورنر پاران بنگلاديش ۾ عام چونڊون ڪامياب نموني منعقد ٿيڻ ۽ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي فتح تي پارٽي سربراهه طارق رحمان کي مبارڪون

مزید خبریں
ڪراچي-13 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري بنگلاديش ۾ عام چونڊن جي ڪامياب نموني منعقد ٿيڻ ۽ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي فتح تي پارٽي سربراهه طارق رحمان کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ هن بنگلاديش جي عوام کي چونڊن جي ڪامياب نموني منعقد ٿيڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته جمهوري عمل ۾ ڪروڙين ووٽرن جي مڪمل شرڪت عوام جي جمهوريت تي يقين جو واضح مظهر آهي. گورنر سنڌ چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان مضبوط جمهوري ڀائيواري ۽ گڏيل ترقي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائي ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي چونڊ عمل خطي ۾ استحڪام، خوشحالي ۽ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيندو.











