پاڪستان جي هٿياربند فوج حق جي ويڙهه ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي، هاڻ قوم کي معيشت جي ويڙهه ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻي پوندي: پروفيسر احسن اقبال

حيدرآباد-13 فيبروري (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج حق جي ويڙهه ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي، هاڻ قوم کي معيشت جي ويڙهه ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته مضبوط معيشت کانسواءِ دفاعي استحڪام ممڪن ناهي. هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس ۾ آخري سال جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ٿيسز …

حيدرآباد-13 فيبروري (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج حق جي ويڙهه ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي، هاڻ قوم کي معيشت جي ويڙهه ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته مضبوط معيشت کانسواءِ دفاعي استحڪام ممڪن ناهي. هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس ۾ آخري سال جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ٿيسز نمائش جي افتتاح کانپوءِ تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي 133 تحقيقي منصوبا پيش ڪيا ويا جن ۾ وفاقي وزير گهري دلچسپي وٺندي شاگردن سان بريفنگ به ورتي. تقريب ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري، مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاهه محمود شاهه، اڳوڻو ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ ۽ ٻيون شخصيتون به موجود هيون. احسن اقبال پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مصنوعي ذهانت دنيا ۾ تيزيءَ سان تبديلي آڻي رهي آهي ۽ مستقبل ۾ ڪيتريون ئي روايتي نوڪريون ختم جڏهن ته مهارتن تي ٻَڌل بيشمار موقعا پيدا ٿيندا، ان لاءِ نوجوانن کي ڊگري سان گڏ عملي مهارتون به حاصل ڪرڻو پوندو. هن اعلان ڪيو ته وفاقي حڪومت سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس ۾ جديد آرٽيفيشل انٽيليجنس ليبارٽري جي قيام لاءِ مالي معاونت فراهم ڪندي. هن چيو ته يونيورسٽين جو اصل مقصد تحقيق ۽ نئين ڄاڻ پيدا ڪرڻ آهي، صرف تدريس ڪافي ناهي. سندس مطابق اهي تحقيقي مقالا فائديمند ناهن جن جو معاشري جي ترقي ۾ عملي ڪردار نه هجي. وفاقي وزير چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ساليانو اربين ڊالرز مٽاسٽا جو ناڻو اُماڻي رهيا آهن جڏهن ته ملڪ اندر پيداوار ۽ روانگي واپار ۾ واڌ جي سخت ضرورت آهي ته جيئن معاشي استحڪام حاصل ڪري سگهجي. ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري يونيورسٽيءَ ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس ريسرچ ليبارٽريءَ جي قيام ۽ جاري ترقياتي رٿائن لاءِ وفاقي سهڪار جي درخواست ڪئي، جڏهن ته اداري جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اياز ڪيريو اداري جي تعليمي ۽ تحقيقي سرگرمين تي بريفنگ ڏني. تقريب جي پڄاڻيءَ تي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تحقيقي منصوبن کي ساراهندي ملڪي ترقي ۾ نوجوانن جي ڪردار کي مُک قرار ڏنو.