حيدرآباد-13 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس ۽ قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪوچ عاقب جاويد چيو آهي ته موجوده حالتون ۽ ڪرڪيٽ جو ماحول پاڪستان جي حق ۾ نظر اچي رهيو آهي، جڏهن ته ڀارت جي سفارتي حڪمت عملي به ڪمزور نظر اچي رهي آهي. هو حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته ماضي جي ڀيٽ ۾ هاڻي ڪرڪيٽ جو انداز ۽ …
موجوده حالتون ۽ ڪرڪيٽ جو ماحول پاڪستان جي حق ۾ نظر اچي پيو، ڀارت جي سفارتي حڪمت عملي به ڪمزور نظر اچي رهي آهي: عاقب جاويد

مزید خبریں
حيدرآباد-13 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس ۽ قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪوچ عاقب جاويد چيو آهي ته موجوده حالتون ۽ ڪرڪيٽ جو ماحول پاڪستان جي حق ۾ نظر اچي رهيو آهي، جڏهن ته ڀارت جي سفارتي حڪمت عملي به ڪمزور نظر اچي رهي آهي. هو حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته ماضي جي ڀيٽ ۾ هاڻي ڪرڪيٽ جو انداز ۽ رفتار بدلجي چڪي آهي ۽ مسلسل ڪرڪيٽ ٿيڻ سبب سپر اسٽار رانديگرن جي اڀرڻ جا موقعا گهٽجي ويا آهن. هن چيو ته پاڪ ڀارت ميچ هميشه غير معمولي اهميت رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته شوقينن جون اميدون تمام وڏيون آهن ۽ اڪثر ٽيمن جي ساک به انهي مقابلي جي ڪارڪردگي سان جڙيل هوندي آهي. هن چيو ته پاڪستان ٽيم هاڻوڪي عرصي ۾ پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائي آهي ۽ جيڪڏهن اهو ئي سلسلو برقرار رهيو ته ٽيم ورلڊ ڪپ کٽڻ جي صلاحيت به رکي ٿي. عاقب جاويد موجب جديد ڪرڪيٽ ۾ اها ئي ٽيم بهتر ڪارڪرددگي ڏيکاري ٿي جنهن جا اسپنر مضبوط هجن جڏهن ته پاڪستاني ٽيم جو موجوده فارم حوصلي وارو آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ مقابلن ۾ بهترين نتيجا سامهون ايندا. هن چيو ته موجوده ٽي -20 ڪرڪيٽ جي تيز رفتار انداز ۾ ڪنهن به بيٽسمين جي ڊگهي عرصي تائين مسلسل غير معمولي ڪارڪردگي جي اميد رکڻ مشڪل ٿي وئي آهي، جنهن جو اثر وڏن رانديگرن تي به پوي ٿو، جن ۾ بابر اعظم به شامل آهي. هن زور ڀريو ته ملڪ ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ علائقائي سطح تي ڊوميسٽڪ ۽ ريجنل ڪرڪيٽ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن نوان باصلاحيت رانديگر سامهون اچي سگهن.











