سنڌ ڪاليج ايجوڪيشن جي سيڪريٽري نديم الرحمٰن ميمڻ پاران بدين بوائز ڊگري ڪاليج جي عمارت جي تعمير انجنيئر ۽ پرنسپل جي تڪرار سبب رڪجڻ تي سخت ناراضگي

ڪراچي -13 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيشن جي سيڪريٽري نديم الرحمٰن ميمڻ کاتي جي عملدارن کي واضح هدايتون ڏيندي چيو آهي ته ڪم ڪريو، نه ته گهر وڃو، سست رفتاري يا سياسي دٻاءُ جو ڪو به جواز قبول نه ڪيو ويندو. هن حڪم ڏنو ته 24 جاري اسڪيمن کي هر صورت ۾ جون 2026ع کان اڳ مڪمل ڪري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. هن چيو ته حڪومت فنڊ …

ڪراچي -13 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيشن جي سيڪريٽري نديم الرحمٰن ميمڻ کاتي جي عملدارن کي واضح هدايتون ڏيندي چيو آهي ته ڪم ڪريو، نه ته گهر وڃو، سست رفتاري يا سياسي دٻاءُ جو ڪو به جواز قبول نه ڪيو ويندو. هن حڪم ڏنو ته 24 جاري اسڪيمن کي هر صورت ۾ جون 2026ع کان اڳ مڪمل ڪري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. هن چيو ته حڪومت فنڊ مهيا ڪري ٿي، تنهنڪري دير جو ڪو به جواز ناهي. اهڙو حڪم هن سالياني ترقياتي پروگرام اي ڊي پي سال 26-2025ع تحت جاري ترقياتي اسڪيمن جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس جي صدارت دوران جاري ڪيو. اجلاس ۾ بدين جي بوائز ڊگري ڪاليج جي عمارت جي تعمير انجنيئر ۽ پرنسپل جي تڪرار سبب رڪجڻ تي سيڪريٽري سخت ناراضگي ظاهر ڪندي چيو ته سالياني ترقياتي اسڪيمن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته سڀئي اسڪيمون مقرر وقت اندر مڪمل ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ لاڳاپيل آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. فيلڊ ۾ موجود تڪرار فوري طور حل ڪيا وڃن. جيڪڏهن ڪو لاڳاپيل آفيسر پنهنجو ڪردار ادا نه ڪندو ته ان خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. اجلاس ۾ پوري صوبي ۾ 95 جاري ۽ 17 نئين اسڪيمن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ويسٽ ۾ بحالي مرڪز جي تڪميل ايندڙ هفتي، جڏهن ته گھوٽڪي جي ڊگري ڪاليج ڏهرڪي جي عمارت مئي کان جون تائين مڪمل ڪئي ويندي. عمرڪوٽ گرلز ڪاليج ۾ اضافي ڪلاس رومز ۽ ليبارٽريون مارچ تائين، جڏهن ته نگرپارڪر ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ هاسٽل بلاڪس مئي تائين مڪمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون. سيڪريٽري نديم ميمڻ حيدرآباد ريجن جي 12 ڪاليجن ۾ سهولتن جي فراهمي ۽ اپ لفٽنگ اسڪيمن کي مارچ تائين مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ايندڙ فالو اپ اجلاس ۾ فزيڪل پراگريس جو سخت جائزو ورتو ويندو. لاڙڪاڻو جي ڊگري ڪاليجن جي سولرائيزيشن اپريل تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي. ڪاليج ايجوڪيشن واري سيڪريٽري نديم ميمڻ انجنيئرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهين پيشيور ماهر آهيو، حالتن جا بهانا ٺاهڻ بدران فني بنيادن تي سوچيو ۽ ڪم وقت سر مڪمل ڪريو. دادو ۾ ڪيڊٽ ڪاليج ڪڪڙ جي اسڪيم کي اولين ترجيح تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته ٽينڊر ۽ عملدرآمد سڀئي قانونن مطابق هجن، پر دير هرگز برداشت نه ڪئي ويندي. ڪرم پور ڪشمور ۾ ڪيڊٽ ڪاليج سان لاڳاپيل مسئلن بابت لاڳاپيل اختيارين سان اجلاس گهرائڻ جو به حڪم ڏنو ويو. اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته نئين 17 اسڪيمن ۾ لياري، ڪيماڙي، مراد ميمڻ، مسو ڀرڳڙي، سن ڄامشورو، چمبڙ، ٿرپارڪر ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ، اضافي بلاڪس، آڊيٽوريم هالز، هاسٽلز ۽ سهولتن جي فراهمي شامل آهي. سيڪريٽري نديم ميمڻ واضح حڪم ڏنو ته جن اسڪيمن جو ٽينڊر پراسيس مڪمل نه ٿيو آهي، اهو فوري طور مڪمل ڪري ڪم شروع ڪيو وڃي. سڀئي منصوبا بجيٽ جي اندر رهندي جلد کان جلد مڪمل ڪيا وڃن. اجلاس جي پڄاڻي تي سيڪريٽري نديم ميمڻ صاف لفظن ۾ چيو ته دير، ڪوتاهي يا غير سنجيدگي برداشت نه ڪئي ويندي. ايندڙ اجلاس ۾ هر اسڪيم جي عملي اڳڀرائي ڏٺي ويندي ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي فيصلو ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ڪاليج ايجوڪيشن ورڪس واري چيف انجنيئر، لاڳاپيل سپرنٽنڊنگ ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئرز، اسسٽنٽ انجنيئرز، ايڊشنل سيڪريٽري مختيار ملاح، ڊائريڪٽر ڊولپمينٽ ۽ حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، سکر ۽ ڪراچي جي آفيسرن شرڪت ڪئي.